امين الحسيني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مفتي اعظم ھاينريش ھيملر سان ملندي

مفتي اعظم فلسطين امين الحسيني صاحب 1895ع ۾ يروشلم ۾ پيدا ٿيو.ابتدائي تعليم يروشلم ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ الاظھر يونيورسٽي ۾ فقہہ جي تعليم حاصل ڪري مفتي بڻجي ويو. 1921ع ۾ کيس مفتي اعظم مقرر ڪيو ويو. فلسطين ۾ يھودين جي آبادڪاري ۽ اسرائيل جي قيام خلاف جدوجھد ڪندو رھيو. ٻي مھا ڀاري لڙائيءَ ۾ جرمني وڃي مسوليني ۽ ھٽلر سان ملاقاتون ڪري فلسطين جي مدد لاءِ اپيلون ڪيائين ۽ برلن ريڊيو تان عربن کي يھودين سان وڙھڻ لاءِ اپيلون ڪندو رھيو. اردن جي بادشاهه عبدالله پھرين سان نہ ٺھڻ ڪري ھن کيس مفتي جي عھدي تان ھٽائي شيخ حسام الدين جاراللہ کي 1948ع ۾ مفتي اعظم فلسطين مقرر ڪري ڇڏيو. جيڪو 20 جون 1951 تي مسجد اقصي ۾ نماز پڙھائڻ لاءِ ويندي الجھادالمقدس تنظيم جي ھڪ رڪن ھٿان مارجي ويو ڇاڪاڻ ته شيخ حسام الدين جاراللہ اردني حڪومت پاران اسرائيل سان خفيہ ڳالھين جي حمايت ڪئي هئي.ان واقعي تان ڪاوڙجي شاھ عبدالله اول امين الحسيني کي جلاوطن ڪري ڇڏيو، پوء ھي مصر آيو جتان پوء 1959ع ۾ لبنان ھليو ويو جتي 4 جولائي 1947ع ۾ وفات ڪيائين. سندس خواهش يروشلم ۾ دفن ٿيڻ جي ھئي پر اسرائيل جي حڪومت اجازت نہ ڏني. 1952ع ۾ پاڪستان آيو.[1]

اڊولف ھٽلر سان گڏ

حوالا[سنواريو]

  1. يادن جي ڳڙکيء مان (يادگيريون) از: عبدالرزاق سومرو؛ ترتيب:خالد چانڊيو؛ پبلشر:رائيٽرس ڪلب لاڙڪاڻو؛ ايڊيشن :2011ع؛ حاشيہ پيج نمبر 492