امرت خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

امرت خان
معلومات شخصيت
ڄم 17 نومبر 1935[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
ڪولڪتا  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 22 نومبر 2018 (83 سال)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
شھريت ڀارت (26 جنوري 1950–)
برطانوي راڄ (–14 آگسٽ 1947)  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي

امرت خان (سر -بهار- نواز ):امرت خان، -استاد- عنايت خان جو ننڍو -ڀاءُ- سال 1936ع ۾ ڪلڪتي ۾ ڄائو. سندس -ڀاءُ- عنايت خان (1938-1895ع) مغل دربار سان وابسته تمام سٺو ستار نواز هو. هي ستار جي امداد خاني گهراڻي جو اهم فنڪار آهي. والد جي وفات کان پوءِ هن پنهنجي ماءُ بشيران بيگم ۽ پنهنجي ناني بڙي حسن خان کان ستار جي سکيا ورتي. 1944ع ۾ هو -بمبئي- لڏي ويو، -جتي- سندس چاچي واحد علي خان کيس سر -بهار- وڄائڻ جي تربيت ڏني. توڙي هُو واحد علي خان سان گڏ ڪلڪتي موٽي آيو ته جيئن ٻئي جوڙي ۾ وڄائين. پر حالتن سندن ساٿ نه ڏنو. 1960ع ڌاري هڪ ڪمپني سندس هڪ اڌ رڪارڊ ڀرايو، جيڪو ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ اسٽيج تي به هن پاڻ موکيو. هن ستار وڄائڻ ۾ درپد جو انگ اختيار ڪيو. امداد خاني گهراڻي جي وڄت ۾ روي شنڪر ۽ نخيل بينر جي ڪافي سٺيون تبديليون آنديون، خود ستار ساز ۾ هنن تارن کي بدلائي نوان انگ پيدا ڪيا. امرت خان، انهن تبديلين کي قبول ڪري ڏاڍو نالو ڪمايو. هن پوري يورپ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. پاڻ واشنگٽن يونيورسٽي، سينٽ لوسٽس ۾ ستار جي -تعليم- ڏيندو آهي، کيس ٽي پٽ آهن، نشاط ستار وڄائيندو آهي. وجاهت سرود وڄائيندو آهي ۽ شفقت طبلي تي ساڻس سنگت ڪندو آهي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w6649kdw — subject named as: Imrat Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  2. Discogs artist ID: https://www.discogs.com/artist/1044192 — subject named as: Imrat Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  3. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=امرت%20خان