اسڪندر مرزا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھز ايڪسلنسي ميجر جنرل
اسڪندر مرزا

اسڪندر مرزا (1899–1969)
پاڪستان جو پھريون صدر
عهدو سنڀاليو
23 مارچ 1956 – 27 آڪٽوبر 1958
وزير اعظم محمد علي (1956)
حسين شھيد سھروردي(1956–57)
ابراهيم اسماعيل چندريگر (1957)
فيروز خان نون (1957–58)
جنرل ايوب خان (acting)
پيشرو پاڪستان جو آئين، 1956
جانشين جنرل ايوب خان
پاڪستان جو چوٿون گورنر جنرل
عهدو سنڀاليو
7 آگسٽ 1955 – 23 مارچ 1956
(قائم مقام صدر پاڪستان 7 آگسٽ 1955 – 6 آڪٽوبر 1955)
شاهي حڪمران ايلزبيٿ II
وزير اعظم محمد علي بوگرا (1955)
چوڌري محمد علي (1955–56)
پيشرو ملڪ غلام محمد
جانشين عھدو ختم ڪيو ويو
پاڪستان جو وزير داخلا
عهدو سنڀاليو
24 آڪٽوبر 1954 – 7 آگسٽ 1955
وزير اعظم محمد علي بوگرا
پيشرو مشتاق احمد گرماڻي
جانشين اي ڪي فضل الحق
رياستن ۽ سرحدي علائقن جي وزارت
عهدو سنڀاليو
24 آڪٽوبر 1954 – 7 آگسٽ 1955
وزير اعظم محمد علي بوگرا
گورنر مشرقي پاڪستان
عهدو سنڀاليو
29 مئي 1954 – 23 آڪٽوبر 1954
گورنر جنرل ملڪ غلام محمد
وزير اعلیٰ ابو حسين سرڪار
پيشرو چوڌري خليق الزمان
جانشين محمد شھاب الدين (Acting)
ڊفينس سيڪريٽري
عهدو سنڀاليو
2 آڪٽوبر 1947 – 6 مئي 1954
وزير اعظم لياقت علي خان (1947–51)
خواجہ ناظم الدين (1951–53)
محمد علي بوگرا (1953–54)
وزير لياقت علي خان
پيشرو پاڪستان جي رياست جو قيام
جانشين اختر حسين
ريپبلڪن پارٽي جو نائب صدر
عهدو سنڀاليو
1955–1958
صدر فيروز خان نون
ذاتي تفصيل
پيدائش اسڪندر علي مرزا
13 نومبر 1899(1899-11-13)
مرشد آباد، بينگال، برٽش انڊيا
ھاڻي: ويسٽ بينگال، ڀارت
وفات 13 نومبر 1969 (عمر 70 سال)
لنڊن, انگلينڊ،يونائيٽيڊ ڪنگڊم
آخري آرامگاهه تھران, ايران
شهريت گڏيل بادشاھت
(1899–1947) (1958-1969)
 پاڪستان
(1947–1969)[1]
قوميت بينگالي
سياسي جماعت ريپبلڪن پارٽي (1955–59)
ٻيون سياسي
وابستگيون
مسلم ليگ (1950–55)
مادر علمي رايل ملٽري اڪيڊمي سينڌرسٽ
بمبئي يونيورسٽي
شهري اعزاز نشان لمار
نشان پھلوي
آرڊر آف انڊين ايمپائر
فوجي خدمتون
سروس/شاخ  برطانوي هندوستاني فوج
 پاڪ فوج
سال خدمتون 1920–1954
عهدو ميجر جنرل
لڙائيون/جنگيون وزيرستان واري مھم، 1936
انڊو پاڪستان جنگ،1947
فوجي اعزاز آرڊر آف برٽش ايمپائر
جنرل سروس ميڊل

ميجر جنرل اسڪندر مرزا 13 نومبر 1899ع ۾ ڄائو، 6 آڪٽوبر 1955ع کان 23 مارچ 1956ع تائين پاڪستان جو گورنر جنرل، 23 مارچ 1956ع کان 27 آڪٽوبر 1958ع تائين ملڪ جو صدر رهيو.

پيدائش ۽ تعليم[سنواريو]

سيد اسڪندر مرزا 13 نومبر تي مرشد آباد بنگال ۾ ڄائو هو. سيد محمد فتح علي جو پٽ هو، جيڪو بنگال جي آخري نواب منصور علي خان جو پوٽو هو. ائين اسڪندر مرزا جو شجرو مير جعفر سان ملي ٿو. سندس ننڍپڻ بمبئي ۾ گذريو، شروعاتي تعليم ايلفُنسٽن ڪاليج مان ۽ پوءِ بمبئي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي.

فوجي ۽ سول خدمتون[سنواريو]

مرزا برٽش آرمي ۾

بعد ۾ رائل ملٽري اڪيڊمي سئينڊهرسٽ مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد برطانوي فوج ۾ شامل ٿيو ۽ مختلف علائقن ۾ فرض انجام ڏيندو رهيو. ڪجهه سال فوج ۾ نوڪري ڪرڻ بعد هو سول سروس ۾ شامل ٿيو، مختلف قبائلي علائقن ۾ پوليٽيڪل ايجنٽ طور نوڪري ڪرڻ بعد 1946ع ۾ پهرين جوائنٽ ڊفينس سيڪريٽري ۽ پوءِ ڊفينس سيڪريٽري ٿيو. برٽش انڊين آرميءَ کي انڊين ۽ پاڪستان آرميءَ ۾ ورهائڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو.

پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ خدمتون[سنواريو]

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اسڪندر مرزا کي هن نئين ملڪ جو سيڪريٽري دفاع مقرر ڪيو ويو. 1954ع ۾ کيس هنگامن ۽ سياسي بيچيني روڪڻ لاءِ اوڀر پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. جڏهن محمد علي بوگرا وزير اعظم ٿيو ته پاڻ وزير داخلا ٿيو. 1955ع ۾ قائم مقام گورنر جنرل ٿيو. سندس ئي دور ۾ اوڀر پاڪستان کي اولهه پاڪستان سان برابري ڏيڻ جي نالي ۾ اولهه پاڪستان جي سمورن صوبن کي ملائي ون يونٽ ٺاهيو ويو. اسڪندر مرزا ون يونٽ جو وڏو حامي هو ۽ ذاتي طور مذهب کي رياستي معاملن کان ڌار رکڻ ۾ ويساهه رکندڙ هو. ان جي باوجود 1956ع ۾ هن جو جهڪاءُ مذهب ڏانهن گهڻو هو. اسڪندر مرزا جڏهن گورنر غلام محمد کي هٽائڻ بعد گورنر جنرل ٿيو ان زماني ۾ هن ٻي شادي ناهيد مرزا سان ڪئي. ناهيد مرزا ايراني خاتون هئي، جيڪا ان کان اڳ ايران ۾ پاڪستان جي فوجي اتاشي جي زال هئي.

پاڪستان جي پھرين صدر جي مقرري جي تقريب

1956ع ۾ جڏهن پاڪستان جو پهريون آئين ٺهيو ته اسڪندر مرزا ملڪ جو پهريون صدر ٿيو. سندس صدارت جي ٻن سالن دوران ملڪ سخت سياسي انتشار جو شڪار رهيو. ٻن سالن جي عرصي ۾ چار وزيراعظم آيا.

رضا شاه پهلوي جو دؤرو

مارشل لا لڳائڻ ۽ جلاوطني[سنواريو]

1958ع ۾ جڏهن اسڪندر مرزا ڏٺو ته 1956ع جو آئين ملڪ ۾ گهوٽالي جو ڪارڻ بڻجي رهيو آهي ته هن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو. هن ايوب خان کي ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ايوب خان اسڪندر مرزا کي هٽائي پاڻ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ٿي ويو. اسڪندر مرزا کي جلا وطن ڪيو ويو.

خاندان[سنواريو]

کيس پهرين زال مان ٻه پٽ ۽ چار ڌيئرون آهن، جڏهن ته ٻي زال ناهيد مان ڪو به اولاد نه ٿيس.

وفات[سنواريو]

اسڪندر مرزا جو جنازو

مرزا 1969ع ۾ وفات تائين لنڊن ۾ جلا وطني جي زندگي گذاري. سندس وفات وقت يحيٰ خان جي فوجي حڪومت هئي، جنهن سندس ميت پاڪستان آڻڻ ۽ دفنائڻ جي اجازت نه ڏني. بعد ۾ سندس لاش تهران نيو ويو، جتي شاهه ايران حڪومت جي سربراهه وانگر سندس تدفين ڪئي.[2]

ورثو[سنواريو]

ايراني شاھ ۽ مرزا جي يادگار ٽڪلي

حوالا[سنواريو]

  1. Rahman, Syedur (2010). "Introduction" (en ۾) (google books). Historical Dictionary of Bangladesh. Plymouth, UK: Scarecrow Press. p. li. ISBN 9780810874534. https://books.google.com/books?id=bJfcCPUr0OoC&pg=PR51. Retrieved 30 March 2017. "Scarecrow Press, Rahman" 
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون، سنڌي لينگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.