ارونا ايراني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ارونا ايراني

ارونا ارڙھين لاينز گولڊ ايوارڊ جي تقريب ۾
پيدائش آگسٽ 1946 (عمر 77 سال)
بمبئي
پيشو اداڪاره ۽ ڊائريڪٽر
جيون ساٿي ڪوڪو ڪوھلي
رشتيدار 5 ڀائر ۽ 2 ڀينرون جن ۾ شامل آهن
Indra Kumar (Brother)
Adi Irani (Brother)
Firoz Irani (Brother)

'ارونا ايراني(انگريزي: Aruna Irani) (ڄائي :18 آگسٽ 1946) انڊيا جي ھڪ اداڪاره جنھن 300 کان وڌيڪَ ھندي ، مراٺي، ۽ گجراتي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.

تفصيلي تعارف[سنواريو]

گھڻي ڀاڱي ھن ڪريڪٽر رول ۽ سپورٽنگ رول نڀايا آهن. ھن ڪيترن ئي فلمي گانن ۾ ڊانس ڪئي آهي جنھن ۾ مشھور جيوتي ( 1981) ۾ ٿوڙا ريشم لگتا ھي مشھور گانو اٿس. ھيء بيسٽ سپورٽنگ رول لاء فلم فيئر ايوارڊ لاء ڏھ دفعا چونڊي وئي ۽ ٻہ دفعا ايوارڊ پنھنجي نالي ڪري ورتائين.پندرهن سالن جي عمر ۾ بطور چائيلڊ اسٽار ھن پھريون دفعو 1961 ۾ فلم گنگا جمنا ۾ عذرا جو ڪردار ادا ڪيو. 1984 م کيس فلم پيٽ، پيار اور پاپ ۾ ڪرڻ تي فلم فيئر جو بيسٽ سپورٽنگ ايڪٽر جو ايوارڊ مليو.[1] ڪيريئر جي پوئين حصي ۾ ھن ٽيليويزن تي ڪم جي شروعات ڪئي

ذاتي زندگي[سنواريو]

18 آگسٽ 1946 ۾ پيدا ٿيندڙ ارونا بمبئي شھر م رھندڙ فردين ايراني جي ڌيءَ ھئي جيڪو اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو. ارونا جي ماء سگونا اداڪاره ھئي. پنھنجي ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ سڀ کان وڏي ارونا والدہن جي مالي مشڪلاتن جي ڪري ڇھ درجا پورا ڪري تعليم کان فارغ ٿي وئي[2] ھن باليووڊ جي ڊائريڪٽر ڪوڪوڪولھي سان شادي ڪئي.

حوالا[سنواريو]