اجنتا جون غارون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اجنتا جون غارون مھاراشٽر رياست (ڀارت) جي اورنگ آباد ضلعي جي اجنتا ڳوٺ ۾ ٻڌن جون جبلن کي ٽُڪي ٺاهيل غارون، جيڪي خانقاهن ۽ عبادتگاهن طور استعمال ٿينديون هيون. هيءَ غارون اورنگ آباد کان 105 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي اتر - اوڀر طرف آهن. هنن غارن جو اهم سلسلو لڳ ڀڳ پھرين صدي (ق. م) کان ستين صدي عيسويءَ جي وچ واري عرصي جو آهي. هيءَ غار ۽ مندر سخت ٽڪرين کي ٽُڪي ٺاهيا ويا هئا، مندرن جي ڀتين تي مهاتما ٻُڌ جي زندگيءَ بابت ڪيتريون تصويرون ٺھيل آهن، جن کي اوڀر جي مصوريءَ جي فن جو شاهڪار سڏجي ٿو. اهي چٽساليون، مهاتما ٻڌ جي زندگيءَ جي مختلف واقعن کي اجاگر ڪن ٿيون، اهي مندر ڪيترين صدين تائين مٽيءَ جي تھن ۾ ڍڪيل رهيا. انهن غارن جو سڀ کان اول.چون ٿا تہ جي. فرگوسن 1743ع ۾ انھن قديم آثارن جو پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي. انھن غارن جو تعداد 301 آهي، جن مان ڪن غارن ۾ چترڪاريءَ جا خوبصورت نمونا ملن ٿا، ڪن ۾ ٻڌ ڀڪشوئن جي رهائش هوندي آهي.[1][2]

حوالا[سنواريو]