اتحادي فوجن جو يورپ ۾ مُک فوجي مرڪز

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اتحادي فوجن جو يورپ ۾ مُک فوجي مرڪز سپريم هيڊ ڪوارٽرز الائيڊ پاورس ان يورپ (شيپ) يا (Supreme Headquarters Allied Powers in Europe, SHAPE) نيٽو معاهدي جي فوجن جو مرڪز بيلجيم جي شهر ”مونر“ جي علائقي ”ڪاستيا“ ۾ 1951ع کان قائم آهي ۽ يورپي مُلڪن ۾ فوجي سرگرمين تي نظر رکي ٿو. پر تازو 2003ع ۾ ان اداري کي سڄي دُنيا ۾ نيٽو فوجن جي آپريشن جو مرڪز بڻايو ويو آهي. آمريڪي فوجن جو ڪو به سينئر چئن تارن وارو جنرل هن اداري جو ڪمانڊنگ آفيسر يا سربراھ سڏائبو آهي. اداري جو پهريون سربراھ ۽ بانيڪار جنرل آئزن هاور هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد