ابن اسحاق

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ابن اسحاق
 

معلومات شخصيت
ڄم سال 704[1][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
مدينو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت سال 767 (62–63 سال)[3][4][2]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
بغداد  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
عملي زندگي
پيشو مؤرخ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي عربي ٻولي[3]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
دلچسپي اسلام جي تاريخ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو field of work (P101) وڪي ڊيٽا تي

تاريخِ -اسلام-“ ۾ -جن- شخصيتن کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي، انهن ۾ ابن اسحاق يعني ابو عبدالله محمد -بن- اسحاق -بن- يسار جو نالو سرفهرست آهي. ابو عبدالله -بن- اسحاق مديني شريف ۾ تقريباً 84ھ (703ع) ڌاري پيدا ٿيو. ننڍپڻ کان ئي محنتي هو. -الله- پاڪ کيس تيز ذهانت عطا ڪئي هئي، جنهنڪري قابل استادن جي نظر فيض اثر هيٺ، عربي زبان تي وڏو عبور حاصل ڪيائين. ادب جي سلسلي ۾ وقت جي وڏن وڏن عالمن کي به پنهنجي حيثيت مڃائڻ ۾ دير نه ڪيائين. -ان- کان سواءِ روايتن کي صحيح انداز ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ پنهنجي زماني جي اڪابرن سان به ڪي قدر اختلاف رهيس، جنهن جي ڪابه پرواهه نه ڪري، ويتر قلم جي رفتار وڌائڻ لڳو. ايستائين جو مالڪ -بن- انس جهڙي جيد عالم سان به ڪيترين روايتن تي زباني ڏي وٺ ڪيائين. هُو سچائيءَ جو ساٿ ڇڏي نه سگھيو ۽ ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿيو. -ابنِ اسحاق- اڳ ۾ مصر ويو ۽ پوءِ عراق کي پنهنجو مستقل ٺڪاڻو بڻائي رهڻ لڳو. وقت جي خليفي المنصور کيس -بغداد- اچڻ جي دعوت ڏني، -جتي- 67 ورهين جي ڄمار ۾ 151ھ (768ع) ۾ وفات ڪيائين ۽ کيس -امام- ابو حنيفهرحه جي ڀرسان جاءِ ملي. سندس شاگردن جو حلقو وسيع هو. زياد -بن- عبدالله البڪائي ڪوفيءَ جو نالو هن ڏس ۾ سرفهرست آهي. ابنِ اسحاق وڏو مؤرخ به هو. هن ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي حياتي مبارڪ تي ”سيرت النبيصه“ نالي ٻن جلدن ۾ نهايت وضاحت سان روشني وڌي آهي. سندس هي ڪتاب، پاڻ سڳورن صلي -الله- عليه وسلم -جن- جي حالاتِ زندگيءَ تي، قديم ڪتاب آهي. هجري چوٿين صديءَ ۾ الوزير المغربيءَ هن ڪتاب کي اصلي صورت ۾ نقل ڪرائي، محفوظ ڪيو.[5]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12172761p — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  2. 2.0 2.1 NL CR AUT ID: https://aleph.nkp.cz/F/?func=find-c&local_base=aut&ccl_term=ica=jx20061227001 — subject named as: Muhammed Ibn Ishák
  3. 3.0 3.1 http://data.bnf.fr/ark:/12148/cb12172761p — اخذ شدہ بتاریخ: 10 آڪٽوبر 2015 — مصنف: Bibliothèque nationale de France — اجازت نامو: Open License
  4. Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Ibn-Ishaq — subject named as: Ibn Ishaq — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  5. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A7%D8%A8%D9%86%D9%90%20%D8%A7%D8%B3%D8%AD%D8%A7%D9%82