آغا خان فائونڊيشن

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آغا خان فائونڊيشن

فائونڊيشن جو باني پرنس ڪريم آغا خان چوٿون
قانوني حيثيت
فائونڊيشن
مقصد صحت، تعليم ۽ ڳوٺ سڌار پروگرام
صدر دفتر جنيوا، سوئيٽزرلينڊ
علاقو خدمت لاء علائقو
ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ

آغا خان فائونڊيشن ھز ھائينيس پرنس ڪريم آغا خان قائم ڪئي. فائونڊيشن جو بنيادي مقصد ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي سماجي حالتن کي سڌارڻ آھي ۽ خاص طور تي صحت، تعليم ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ جي ترقيءَ وارن پروگرامن لاءِ امداد ڏئي انهن کي بھتر ڪرڻ آھي.

آغا خان فائونڊيشن سوئٽزرلئنڊ ۾ رجسٽرڊ ٿيل آھي ۽ ان جي ھيڊ آفيس جينيوا ۾ آھي. فائونڊيشن جون شاخون، پاڪستان، ڪينيا، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ آھن ۽ ان جون مددي شاخون برطانيا، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ آھن. فائونڊيشن ھڪ غيرسرڪاري ادارو آھي، پر انھيءَ جا مقصد ۽ پاليسيون سڀني لاءِ ساڳيون آھن، اھي پاليسيون فائونڊيشن جي بورڊ جا ڊائريڪٽر جوڙيندا آھن، جن جو چيئرمئن پرنس ڪريم آغا خان پاڻ آھي.

فائونڊيشن جي ادارن جو سرشتو چئن کنڊن تائين پکڙيل آھي ۽ ان سان ويجھي لھ وچڙ جي ڪري ٽينءَ دنيا جي مسئلن جي نشاندھي ٿئي ٿي ۽ اھا بہ خبر پوي ٿي ته ڪھڙن ملڪن ۾ انھن مسئلن جي حل لاءِ وسيلا موجود آھن.

آغا خان فائونڊيشن جا پروگرام ھيٺين ٽن وڏن شعبن تي مشتمل آھن:

  1. صحت،
  2. تعليم، ۽
  3. ڳوٺ سڌار پروگرام.

صحت: پاڪستان ۾ صحت جون سھولتون تمام گھٽ آھن ۽ پاڪستان ۾ صحت جا مسئلا بہ ٽينءَ دنيا جي ٻين ملڪن جھڙا آھن. سلھ، ڊائريا يا غذا جي کوٽ ۽ وچڙندڙ بيمارين جا مسئلا پاڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن ۾ آھن. آغا خان فائونڊيشن انھن مسئلن تي ويچاريو ۽ انھن جي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ ثابت ٿيو تہ انھن بيمارين کي ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو. اھڙو اظھار 1983ع ۾ ورلـڊ بئنڪ پاڪستان جي ھيلٿ سيڪٽر رپورٽ ۾ ڪيو ويو آھي.

تعليم: پاڪستان ۾ تعليم جا بہ انيڪ مسئلا آھن. اسڪولن لاءِ عمارتون ڪونھن ۽ جيڪي آھن، انھن ۾ به اھي سھولتون موجود نہ آھن، جيڪي بھتر تعليمي ماحول لاءِ ضروري ھونديون آھن. سکيا ورتل استادن جي بہ کوٽ آھي. انھن مسئلن کي منھن ڏيڻ ۽ تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ آغا خان فائونڊيشن پاڪستان جي اترين ۽ ڏاکڻين علائقن ۾ ڪن پروگرامن جي چونڊ ڪئي آھي. انھن پروگرامن ھيٺ استادن کي پڙھائيءَ جا جديد طريقا سيکارڻ ۽ اسڪولي عمارتن ۾ ’پنھنجي مدد پاڻ‘ جي اصولن ھيٺ سڌارو ۽ واڌارو آڻڻ آھي. ان ڏس ۾ فائونڊيشن ھيٺين ٽن پروگرامن جي چونڊ ڪئي آھي:

  1. استادن لاءِ معلوماتي مرڪز،
  2. استاد جي پنھنجي اسڪول ۾ سڌاري لاءِ پروگرام،
  3. ’پنھنجي مدد پاڻ ڪريو‘ جي بنياد تي اسڪولن لاءِ عمارتون جوڙائڻ جو پروگرام.

ڳوٺ سڌار پروگرام: 1982ع ۾ آغا خان فائونڊيشن ھڪ ڳوٺ سڌار پروگرام شروع ڪيو. ’پنھنجي مدد پاڻ ڪريو‘ جي اصول تحت، فائونڊيشن جو عملو ڳوٺاڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري، اھڙين رٿائن جي نشاندھي ڪندو آھي، جن کي ڳوٺاڻا پاڻ ھلائي سگھن. ان ڏس ۾ ھنري ۽ مالي مدد فائونڊيشن فراھم ڪندي آھي. انھن پروگرامن کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ فائونڊيشن ٻہ وڏا ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آھن:

  1. ڳوٺاڻن علائقن لاءِ امداد جو پروگرام،
  2. رھائشي حالتن جي ترقيءَ جو پروگرام.

پاڪستان ۾ فائونڊيشن جي پھرين شاخ 1969ع ۾ قائم ڪئي وئي ھئي. ان کان پوءِ پاڪستان ۾ پروگرامن جو تعداد تيزيءَ سان وڌندو رھيو آھي. 1979ع ۾ ڪل پنج پروگرام ھئا ۽ 1989ع ۾ انھن پروگرامن جو تعداد 16 ٿي ويو ۽ 1990ع تائين 19 پروگرامن جي بجيٽ تيار ڪئي وئي، جيڪا ڏھن لکن ڊالرن کان وڌي ٻہ ڪروڙ چوڏھن لک ڊالرن تائين وڃي پهتي.[1]

حوالا[سنواريو]