آسڪو پارپولا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آسڪو پارپولا
Asko Parpola

پارپولا 2010 ۾ ورلڊ ڪلاسيڪل تامل ڪانفرنس ۾ شرڪت دوران
پيدائش ٻارھن جولاءِ 1941
پيشو پروفيسر ۽ ماھر سنڌالاجسٽ ۽ انڊولاجسٽ
جيون ساٿي مارجاتا پارپولا (Marjatta Parpola)
ماءُپيءُ * آتـو ڪـلـيـروو پـارپـولا (Aatto Kalervoo)(پيءُ)
ويب سائيٽ
*Asko Parpola, Helsinki.fi.
  • Asko Parpola, Harappa.com.
  • آسڪوپارپولا: Asko Parpola فنلئنڊ جو انڊولاجسٽ ۽ سنڌالاجسٽ ۽ يونيورسٽي آف ھيلنسڪي جو پروفيسر جيڪو انڊس اسڪرپٽ جو ماھر آھي.

    تفصيلي تعارف[سنواريو]

    سڪو پارپولا (Aasko Parpola ): سنڌو لکت جو ماهر آسڪو هيڪي سيجي فرائيڊ پارپولا، هيلسنڪي يونيورسٽي فن لينڊ ۾ هندستان شناسيءَ جو ايمريٽ پروفيسر آهي. سندس -جنم- 12 -جولاءِ- 1941ع تي ٿيو. سندس والــد جــو نالـو آتـو ڪـلـيـروو پـارپـولا (Aatto Kalervo) هو. هن جي ڏاڏي ڪارلو ارڪي -جپان- ۾ عيسائي مشنرين سان ڪيترائي سال گڏجي ڪم ڪيو. هن جو چاچو ارمس سيلونين (Armas Salonon) هيلسنڪي يونيورسٽي فن لينڊ ۾ اسيريا شناسيءَ (Assyriology ) جو پروفيسر هو. سندس -ڀاءُ- سيموئل (Semo) پارپولا، پنهنجي چاچي جي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ اتي ئي اسيريا شناسيءَ جو پروفيسر مقرر ٿيو. آسڪو پارپولا 1959ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. ڪلاسيڪل -تعليم- حاصل ڪرڻ لاءِ هو انڊولاجيءَ (هندستان شناسي) جي شعبي ۾ هيلسنڪي يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو. هن 1963ع ۾ هندستان شناسي ۾ ايم. اي ڪئي. 1966ع ۾ ايم. فل ۽ 1968ع ۾ ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ورتائين. 1972ع ۾ سينٽرل انسٽيٽيوٽ فار نارڊسڪ (Central Institute for Nordisk) ڪوپن هيگ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو. 1981ع ۾ هندستان شناسيءَ جي شعبي جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو. هن پنهنجي سڄي قابليت سنڌو لکت جي ڀاڃ تي صرف ڪئي ۽ 30 سالن جي طويل عرصي تائين سنڌو لکت جي ڀڃڻي جي ڪم ۾ سرگرم رهيو. -ان- ڏس ۾ هن 1994ع ۾ هڪ ڪتاب ’سنڌو لکت جي ڀڃڻي‘ (Deciphering the Indus Script) شايع ڪرايو، جيڪو سنڌو لکت جي حوالي سان پنهنجي نوعيت جو بنيادي ڪتاب آهي. 1968ع کان انهيءَ نُڪتي تي زور ڏيندو رهيو آهي ته سنڌو -تهذيب- ۽ لکت دراوڙي -تهذيب- ۽ لکت آهي. هن انڊولاجيءَ ۾ تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي ۽ -ان- حوالي سان سنڌو -تهذيب- ۽ لکت تي کيس وڏي دسترس حاصل آهي. هن هندستان جي قبل از -تاريخ-، ڏکڻ -ايشيا- جي مذهبن جي چڱو اڀياس ڪيو آهي، جنهن ۾ سنڌو -تهذيب-، سنڌو لکت ۽ مذهب، سنڌو لکت جي مهرن جي ڀاڃ، ويد، ويدي، سماج، هندو ڌرم، -تامل- ناڊو ۽ ڪرناٽڪ جي ٻولين: سنسڪرت، ملايالم، -تامل- وغيره تي -تحقيق- اچي وڃي ٿي. -ان- کانسواءِ هن ڏکڻ -ايشيا- جي -تاريخ- کان اڳ جي آرڪيالاجي ۽ وچ -ايشيا- ۾ آرين جي آمد تي به گهڻو ڪم ڪيو آهي. هن سنڌو -تهذيب- واري لکت کي قديم -تامل- -ٻولي- سان ڀيٽي -تحقيق- جي دائري کي وسيع ڪيو، سندس سنڌو لکت واري -تحقيق- کي عالمانه نظر سان ڏٺو وڃي ٿو. سندس سنڌو -تهذيب- جي لکت ۽ مهرن تي ”Corpus of Indus Seals and Inscriptions“ نالي سان ٻه جلد يونيسڪو طرفان ڇپايا ويا آهن، -جن- ۾ سنڌو لکت جي ڀاڃ ڏني وئي آهي. ٻنهي جلدن ۾ سنڌو -تهذيب- جي لکتن جي مهرن جا عڪس پڻ ڏنل آهن. سندس هي ڪم سنڌو لکت جي سلسلي ۾ سڄيءَ دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو اهم تحقيقي ڪم مڃيو وڃي ٿو، آسڪو پارپولا سٺ جي ڏهاڪي کان اڪثر -پاڪستان- ايندو رهيو آهي ۽ اڪثر ڪري سنڌ جي مشهور اديب سراج ميمڻ جو مهمان ٿي رهيو آهي ۽ سنڌو لکت جي حوالي سان سنڌي عالمن سان خيالن جي ڏي وٺ ۽ بحث ڪري پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندو رهيو آهي. کيس 23 جون 2010ع تي ڪيليگنر ايم ڪرونانيڌي ڪلاسيڪل اوارڊ سان نوازيو ويو. -ان- کان علاوه هندستان سرڪار پاران کيس، خدمتن جي مڃتا طور ”پدم ڀوشن“ جي ممتاز اعزاز سان پڻ نوازيو.

    تصنيفون[سنواريو]

    هن جون ڪيتريون ئي لکڻيون مختلف زبانن جهڙوڪ: فنش (Finsh)، سوئيڊي (Swedish)، آڳاٽي سنڌي لپي ۽ سنڌو ماٿري -تهذيب- جي مليل آثارن ۽ نوادرات تي ٻين ماهرن ۽ محققن جي سهڪار سان لکيل سندس ڪتابن ۽ رپورٽس (Reports) جي فهرست هن ريت آهي[1]:

    1. Koskenniemi, Seppo, Asko Parpola & Simo Parpola. Materials for the Study of the Indus Script, I: A Concordance to the Indus inscription. (1973).
    2. Koskenniemi, Kimmo & Asko Parpola, Corpus of texts in the Indus Script. Department of Asian and African Studies, University of Helsinki, Researeh Reports, 1. (1979).
    3. Koskenniemi, Kimmo & Asko Parpola, Documentation and Duplicates of the texts in the Indus Script. Department of Asian and African Stodies, University of Helsinki, Research Report, 2. (1980).
    4. Koskenniemi, Kimmo & Asko Parpola, A Concordance to the texts in the Indus Script. Department of Asian and African Studies, University of Helsinki, Research Report 3. (1982).
    5. Parpola, Asko, The Sky-Garment: A Study of the Harappan religion and its relation to the Mesopotamian and later Indian Religions. (1985).
    6. Joshi, Jagat Pati & Asko Parpola, Corpus of Inds Seals and inscriptions. 1: Collection in India, editel with the assiastance of Erja Lahdenpera & virpi Hameen Antilla. Archaeological Survey of India. (1987).
    7. Shah, Sayid Ghulam Mustafa & Asko Parpola, Corpus of Indus Seals and Inscriptions. 2: Collections in Pakistan, Edited in collaboration with Ahmed Nabi khan, M.Rafiqure Mughal, F.A Durani, M.A Halim, George F.Dales, Michael Jonsen, M. Tosi, Waler A. Fairservis and Giorgio Stacul and with the Assistance of Jyrki Lyytikka, S.M.Ilyas, Arto Voohelainen and Petteri Koskikallio. Department of Archaeology and Museum, Government of Pakistan. (1991).
    8. Parpola, Asko & Petteri Koskikalio, South Asian Archacology 1993. Poceeding of the 12th international conference of the European Association of South Asian Archacologists held in helsinki University 5-9 July 1993. Vol. I-II (1994).
    9. Parpola, Asko. Deciphering the Indus Script. Cambridge: Combridge University. (1994). (10) Parpola, Asko. #Deciphering the Indus Script: Methods and select interpretations. Keynote address delivered at the 25th Annual South Asia Conference, University of Wisconsin, 18-20 October 1996. (Published by Madison: Centre for Soth Asia, University of Wisconsin. (1997).
    10. Parpola, Asko, B.M. Pande & Patteri Koskikallio. Corpus of Indus Seals and Inscriptions. 3: New material, Untraced Objects and collections outside India and Pakistan. (2006).

    حوالا[سنواريو]