آبو جبل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هندستان جي صوبي راجستان جو هڪ جبل، جيڪو سمنڊ جي سطح کان ساڍا چار هزار فوٽ اوچو آهي، جيئن ته هي جبل آبو (Abu) شهر جي ويجهو آهي، انهي ڪري هن جبل کي آبو جبل (Mount Abu) سڏيو وڃي ٿو. هي مشهور هل اسٽيشن (Hill Station) به آهي. هي جبل احمد آباد کان 176.9 ڪلوميٽر اتر طرف آهي، هن جبل جي سڀ کان اوچي چوٽي تقريباً پنج هزار ڇهه سئو (5600) فوٽ مٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي جبل صحت افزا مقام طور سڄي ڀارت ۾ مشهور آهي. هت ماڻهو تفريح لاءِ ايندا آهن ان سان گڏوگڏ جين مذهب جا پوئلڳ پڻ هر سال هزارن جي تعداد ۾ ايندا رهندا آهن. ڇاڪاڻ جو جين مذهب جا هن هنڌ ڪيترائي مندر آهن. آبو جبل جو احوال مهاڀارت ۾ پڻ موجود آهي. مهاڀارت ۾ هن کي ”آربووا جبل“ چيو ويو آهي. هتي جي مندرن مان هڪ مندر ”تيج پال“ جي نالي سان مشهور آهي جيڪو سن 1197ء کان 1247ء ۾ ئي ٺهي راس ٿيو. هڪ ٻيو مندر جيڪو سولنڪي خاندان جي حڪمرانن تعمير ڪرايو، سو سڀني مندرن کان پراڻو مندر آهي. اهو مندر 1032ء ۾ جڙي راس ٿيو.[1]

حوالا[سنواريو]