وڪيپيڊيا:ڪَثِرَتاً پُڇيا وِيندَڙ سُوالَ (ڪَپُوس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا ڇا آهي؟

وڪيپيڊيا هڪ جامع ڄاڻ چيڪلو (انسائيڪلوپيڊيا) آهي، جنهن جو مقصد ڄاڻ جي دستيابي سڀني لاءِ آسان بڻائڻ آهي. سنڌي وڪيپيڊيا جو مقصد سمورو علم جيڪو ٻين ٻولين ۾ ميسر آهي، سو سنڌي ٻوليءَ ۾ ميسر ڪري ڏيڻ آهي، جيڪو مفت ۽ با آساني سڀني کي دستياب هجي.

واپرائيندڙ (يُوزر) ڪير آهي؟

وڪيپيڊيا جي هر استعماليندڙ کي واپرائيندڙ (يُوزر) چئجي ٿو. هر اهو شخص جيڪو ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ يا ميسر ڄاڻ ۾ واڌارو ڪرڻ لاءِ وڪيپيڊيا کي استعمال ڪري ٿو. توهان کاتو کولڻ کان سواءِ ئي وڪيپيڊيا جا نه رڳو صفحا پڙهي سگھو ٿا بلڪه منجھن ترميم به ڪري سگھو ٿا. پر وڪيپيڊيا کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهان ڪا به ترميم ڪرڻ کان اڳ پنهنجو کاتو کولي لاگ اِن ٿيندا. اهڙيءَ ريت اسان کي ۽ وڪيپيڊيا جي هر يُوزر کي توهان جي ڀاڱيدارين جي ڄاڻ ملندي. جيڪي يُوزر پنهنجو کاتو کوليندا، سي رجسٽر ٿيل يُوزر ليکيا ويندا ۽ سندن يُوزر نانءُ هتي درج ٿي ويندو.

ڪهڙي موضوع تي مضمون لکي سگھجي ٿو؟

سائنس، ٽيڪنيڀياس، ڀونءِ نگاري، ثقافت، معاشيات، سماجيات، آرٽس، لطيف فن، ادب، شوبز، شخصيات، تاريخ، سياست، رانديون، شاعري، مطلب ته دنيا جي هر موضوع تي مضمون لکي سنڌي وڪيپيڊيا تي رکي سگھجي ٿو. توهان جنهن به شعبي سان تعلق رکو ٿا ۽ جنهن به موضوع تي ٿوري به ڄاڻ رکو ٿا، ان تي پنهنجي پسند ۽ ميسر وقت سارو ڪو به مضمون لکي رکي سگھو ٿا. تنهن کان سواءِ جيڪڏهن توهان سنڌي وڪيپيڊيا تي اڳي ئي موجود ڪنهن مضمون ۾ واڌارو ڪرڻ چاهيو، ڀلي هڪ جملي جو ئي سهي، ته ضرور اهڙو واڌارو ڪندا. ان کان سواءِ جيڪڏهن توهان ڪنهن موضوع تي ترجما ڪرڻ جو شوق رکو ٿا ته مهرباني ڪري انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻوليءَ جي وڪيپيڊيا تان مضمون جيئن جو تيئن ڪاپي ڪري سنڌي وڪيپيڊيا تي پيسٽ ڪندا ۽ پوءِ ميسر وقت پٽاندر هوريان هوريان مضمون جو ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪندا ويندا.

ڪهڙن صفحن ۾ ترميم ڪري سگھجي ٿي؟

اڪثر صفحا اهڙا آهن، جن ۾ ڪير به ترميم ڪري سگھي ٿو. توهان ڀلي لاگ اِن نه ٿيل هجو يا ڀلي توهان جو کاتو به نه کليل هجي، پوءِ به توهان اڪثر صفحن ۾ ترميم ڪري سگھو ٿا. ڪي چند صفحا اهڙا هوندا آهن جن کي صرف ۽ صرف منتظمين ئي سنواري يا تبديل ڪري سگھن ٿا، جهڙوڪ مُک صفحو. اهڙن صفحن کي تحفظيل صفحا چيو ويندو آهي. مطلب ته جن صفحن کي منتظمين تحفظي ڇڏيندا، انهن صفحن کي هر يوزر ترميمي نه ٿو سگھي. ان کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن منتظمين ڪن صفحن کي نيم تحفظيندا آهن. اهڙن صفحن کي صرف اهي ئي يوزر ترميمي سگھندا آهن جن جو وڪيپيڊيا تي کاتو کُليل هوندو آهي.

نياپو ڪيئن ڪجي

توهان کي جيڪو به نياپو وصول ٿيندو، اهو نوٽ ڪندا ته توهان جي ٽاڪ پيج تي ڇڏيل هُوندو. اهڙي ڇڏيل نياپي جي ڀرسان نياپو موڪليندڙ جِي آئِي ڊِي يعني ته سُڃاڻَپَ به لکيل هوندي. ان کي ڪلڪ ڪندا ته سندس يوزر پيج تي پهچي ويندا. جيڪڏهن توهان به هُنَ لاءِ نياپو ڇڏڻ چاهيو ٿا ته سندس مباحثي صفحي تي ڇڏيندا. مطلب ته سندس يُوزر پيج کُلندو ته توهان کي سندس تعارف نظر ايندو. ۽ مٿان ”بحث‟ يا ”ڊسڪشن‟ نالي هڪ چُٽڪِي نظر ايندي. بحث واري ان چُٽڪِيءَ کي ڪلڪ ڪندا ته سندس مباحثي صفحو کلندو. جيڪو به نياپو ڏيڻو هجي اتي ڇڏيندا ۽ نياپي جي آخر ۾ چار لهرون ‌‌~ ضرور ٽائيپ ڪندا. ان سان کيس معلوم ٿيندو ته اهو نياپو ڪنهن ڇڏيو آهي. پر ان لاءِ ضروري آهي ته اهو سڀ ڪرڻ کان اڳ توهان سائِينِ اِنِ ٿيل هُجو. جيڪڏهن توهان سائين ان ٿيڻ کان سواءِ نياپو ڇڏيندا ته نياپو ته کيس وصول ٿِي ويندو پر کيس اها خبر نه پوندي ته اهو نياپو ڪنهن ڇڏيو آهي.
اوهان کي مک صفحي تي ساڄي پاسي ڪجھه ڳنڍڻا يعني ته لنڪس نظر ايندا. جيڪڏهن اوهان غور ڪندا ته اوهان کي انهن منجھه ”خاص صفحا‟ جو ڳنڍڻو پڻ نظر ايندو. ان کي ڪلڪ ڪندا ته نئون صفحو کلندو، جنهن ۾ ڳنڍڻن جي هڪ فهرستَ ڏنل هوندي. اها فهرستَ الفبيوار آهي. ان ۾ توهان کي يُوزر لسٽ جو ڳنڍڻو به نظر ايندو. يُوزر لسٽ تي ويندا ته توهان کي وڪيپيڊيا تي ايندڙ سمورن يُوزرس جو نالو نظر ايندو ۽ توهان جو پنهنجو به. ان کان سواءِ انهن سڀني دوستن جون آئِي ڊيز نظر اينديون جن ڪڏهن وڪيپيڊيا تي پير ڀريا ته هئا، پر جيئن ويا آهن ته وري مڙي ڪو نه نهاريو اٿن. مطلب ته سڀني جون آئِي ڊيز نظر اينديون. ڪنهن تي به ڪلڪ ڪرڻ سان توهان انهن جي يُوزر پيج تي پهچي سگھو ٿا. جڏهن توهان وڪيپيڊيا جي مُک صفحي تي سائين ان ٿيڻ کان پوءِ نظر ڊوڙائيندا ته توهان کي مٿي کاٻي پاسي ”مون سان ڳالهه‟ جو ڳنڍڻو نظر ايندو. جنهن تي اوهان ڪلڪ ڪندا ته اوهان پنهنجي ئي ٽاڪ پيج تي پهچي ويندا.

ڪهڙا ۽ ڪيترا يُوزرس آهن؟

سنڌي وڪيپيڊيا جي يُوزس جي لسٽ ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪندا.

منتظمين ڪير آهن؟

سنڌي وڪيپيڊيا جي منتظمين جي فهرست ڏسو.


پڻ ڏسندا