وڪيپيڊيا:پنج ٿنڀ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا جون تمام هدايتون ۽ حڪمت عمليون پنچ بنیادن تي ٻڌل آهن، هيٺ انهن پنجن بنيادن جو تعارف ۽ وضاحت پيش ڪئي وئي آهي.

Blue pillar وڪيپيڊيا هڪ کليل ڄاڻ چيڪلو آهي. جت معلومات ڪتابن ۽ رسالن جا حوالا وٺي پيش ڪيا ويندي آهي، هتي اصل تحقيق پيش ڪرڻ جي اجازت بلڪل ناهي. هتي جيڪو مواد شايع ڪيو وڃي اهو قابل تصديق حوالن تي ٻڌل هجي. ان لاءِ جيڪو مواد قابل تصديق حوالن تي ٻڌل نہ هجي ان کي ڍاٿو ويندو. وڪيپيڊيا پنهنجي خيالن يا نظرين کي بيان ڪرڻ جي جڳھ ناهي نہ ئي ڪنھن سياسي ڪارڪن، انارڪي يا جمهوريت لاءِ تجربيگاھ آهي. هتي حوالن جو وڌ مان وڌ خيال رکيو ويندو آهي ۽ انھن جي واڌاري تي ڪم ڪيو ويندو آهي.
 
Green pillar وڪيپيڊيا ۾ اڻڌريو نقطي نظر اختيار ڪيو ويندو آهي. اسان جي ڪوشش هوندي آهي تہ سڀني مضمونن ۾ معتدل نقطي نظر اختيار ڪيو وڃي، فرقا وراڻي، متعصب ۽ ڌر واري نقطي نظر کان پاسو ڪيو وڃي، تنهنڪري ان ڪوشش ۾ حقيقتن جو منهن نہ چٿيو وڃي. ڪنهن مهل مضمون جي متعلق انيڪ نقطا نظر موجود هوندا آهن ۽ معلومات جي فراهمي جي غرض سان انهن کي بيان ڪرڻ ضروري هوندو آهي، اهڙي صورت ۾ تمام نقطا نظرن کي بيان ڪري ڇڏيو ويندو آهي، پر صحيح ۽ غلط جو فيصلو ناهي ڪيو ويندو ۽ نہ ئي ڪنهن جي حق ۾ راءِ ڏني ويندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن مضمون جي مواد تي ان طرح جو اختلافي بحث ڇيڙيو وڃي تہ صفحي ۾ {{مشڪوڪ}} لڳايو ويندو آهي ۽ تفصيل بحث صفحي تي رکيا ويندا آهن، پوءِ تڪرار جي حل جي هدايتن جي پيروي ڪئي ويندي آهي.
 
Yellow pillar ڪاپي رائٽ وڪيپيڊيا کليل مواد ڄاڻ چيڪلو (انسائيڪلوپيڊيا) آهي، جنهنکي هر هڪ استعمال، ترميم، سنواري، اصلاح ۽ ورهائي سگهي ٿو. هتي شايع ٿيل مواد جي اين يو عمومي اجازت نامي ھيٺ تصور ڪيو وڃي ٿو، اهڙي ريت هتي موجود مضمونن ۾ ۽ ٻيو مواد ڪنهن جي ملڪيت ناهي پر ان ۾ ڪنهن بہ وقت ڪوئي بہ ماڻهو بي رحميءَ سان سنوار ۽ ورھاست ڪري سگهي ٿو. مهرباني ڪري نسخي جي حق کي پامال نہ ڪريو، ادبي ليک چوري کان پاسو ڪريو ۽ نہ اهڙو ڪوئي مواد پيش ڪريو جيڪو جي اين يو عمومي اجازت نامي کان هٽي ڪري هجي.
 
Orange pillar تمام واپرائيندڙ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ شائستگيءَ کي برقرار رکن. تمام واپرائيندڙ هڪٻئي جي وچ ۾ گڏيل عزت سان پيش اچن جيتوڻيڪ فڪر ۽ نظرئي ۾ اختلاف هجي؛ ادب سان پيش اچو، ذاتي حملن کان پاسو ڪريو، پاڻ ۾ اختلاف ۽ انتشار جي جڳھ تي گڏيل اتفاق جي ھوا قائم ڪريو؛ ان ڳالھ کي ذهن ۾ رکو تہ سنڌي وڪيپيڊيا ۾ 16,270 مضمون آهن جن جي درستي، وڪيپيڊيا (انسائيڪلوپيڊيائي) معيار ۽ اصلاح جو ڪم وڌيڪ اهم آهي. هر معاملي ۾ نيڪ نيت ۽ شائستگي کي قائم رکو، بي جا اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪريو، اهڙِي ريت نون واپرائيندڙن کي ڀلي ڪري آيا چئو.
 
Red pillar وڪيپيڊيا جي اصول ۽ قانون تغير پذير آهن. انهن پنجن اصولن کانسواءِ وڪيپيڊيا جا ٻيا قانون ترقي ھيٺ آهن، انهن کي حرف آخر نہ سمجھيو وڃي، وقت ۽ حالتن سان گڏ انهن اصولن ۾ ترميم ۽ تبديليءَ جي گنجائش موجود آهي. تنهنڪري وڪيپيڊيا ۾ جرئت ۽ آزاديءَ سان ڪم ڪريو، پر غير محتاط رويي کان پرهيز ڪريو. مضمون جي تمام اڳوڻي نسخي تاريخچو (سوانح) ۾ محفوظ هوندا آهن، تنهنڪري مضمونن ۾ ترميم ۽ ليک يا تحرير جي دوران اهڙيون غلطيون نہ ڪريو جيڪي ٻين فردن جي لاءِ تڪليف ۽ اذيت جو ڪارڻ هجي ۽ انهن کي درست نہ ڪري سگهجي.