وڪيپيڊيا:مجلس ڀلي ڪري آيا/وڪيپيڊيا ۾ ڀليڪار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مجلس ڀلي ڪري آيا/وڪيپيڊيا ۾ ڀليڪار

وڪيپيڊيا ۾ نقل و حرڪت

وڪيپيڊيا ۾ هر قسم جي مختلف مضونن تي معلومات موجود آهي۔ اهو ڏسڻ لاءِ مُک صفحو تي وڃو، پنهنجي پسند جو مضمون تلاش ڪريو ۽ تحقيق شروع ڪري ڏيو۔ هر صفحي جي مٿي کاٻي پاسي واري حصي ۾ تلاش يا ڳولهڻ جو خانو پڻ موجود آهي۔

اگر توهان کي ڪوئي مضمون پسند اچي ته توهان ان جي ڳالهه ٻولهه يا بحث واري صفحي تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري سگهو ٿا۔ پهرئين 'صفحي تي ڳالهه ٻولهه ڪريو' واري لنڪ کي ڪِلڪ ڪريپ ۽ اُتي 'صفحي کي ترميم ڪريو' واري لِنڪ تي ڪِلڪ ڪريو۔ اسناکي توهانجا تاثرات پڙهي ڪري سدائين خوشي ٿيندي آهي۔

جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ملي ناهي رهيو تج اسان سان امدادي صفحي جي بحث تي رابطو ڪريو۔اگر توهان کي ڪوئي نئون مضمون ڏسڻو آهي جيڪو اڃا اسان وٽ ناهي ته درخواست ڪيل مضمونن جي صفحي (گھربل صفحا) تي موجود فهرست ۾ اضافو ڪريو۔

ترتيب ۽ ترمیم

وڪيپيڊيا ۾ ڪوئي به ڪنهن به مضمون ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو۔ بس صفحي کي ترميم ڪريو واري لنڪ تي ڪِلڪ ڪريو ۽ صفحي ۾ ترميم ڪريو۔ اِن لاءِ توهان کي لاگ اِن ٿيڻ جي ضرورت به ناهي، پر بهتر ٿيندو ته جيڪڏهن توهان جو وڪپيڊيا تي کاتو آهي ته پوءِ اُن کاتي جي يوزر نالي ۽ پاسورڊ لڳائي لاگ اِن ٿي ڪري پوءِ ترميم ڪريو۔

اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ سڀ کان آسان طريقو هي آهي ته توهان وڪيپيڊيا کي ڪنهن به ٻئي مخزن العلوم وانگر پڙهو. جڏهن توهان کي ڪائي به شيءِ صحيع نه لڳي تو 'صفحي کي ترميم ڪريو' تي ڪِلڪ ڪريو ۽ غلطي کي صحيع ڪري ڇڏيو. توهان غلطي ڪرڻ کان گهٻرايو نه، ڇو ته اها غلطي پڻ صحيع ٿي سگهي ٿي، جيڪو درستگيءَ جو ڪم ڪوبه يوزر ڪري ڇڏيندو. وڪيپيڊيا ۾ اڃا 16,270 مضون آهن ۽ ان تعداد ۾ اظافو ٿيندو پيو وڃي۔ توهان نئون مضمون پڻ شروع ڪري سگهو ٿا۔ جيڪڏهن توهان کي مضمون بگاڙڻ کان ڊڄ لگي رهيو آهي ته ریتخاني (سينڊباڪس) ۾ وڃو ۽ دل وڏي ڪري ترتيب ۽ ترميم ڪريو اُن صفحي ۾ ڪجهه به ڪرڻ سان مضمون خراب نٿو ٿي سگهي۔

توهان پهرئين اسانجي هدايتن ۽ حڪمت عملي پڙهي وٺو۔ خاص ڪري اسان جي غير جانبداري جي حڪمت عملي۔ يعني مضونن ۾ غير جانب داري ۽ غير طرف داري جو خيال رکو۔

شامل ٿيڻ چاهيو ٿا؟

ترميم ته ڪوئي به ڪري سگهي ٿو۔ پر اڪاؤنٽ (کاتو) بڻائڻ جا فائدا آهن۔جيڪڏهن توهان چاهيو ته پنهنجو کاتو (اڪاؤنٽ) بڻايو ۽ پوءِ [تعارف| تعارفي صفحي] جي ذريعي سان پنهنجي پاڻ کي دنيا آڏو متعارف ڪرايو.

وڌيڪ ڏسو