مدد:سنوار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا لاء سنوار جي سکيا

صفحو ڪيئن سنوارجي؟؟ وڪيپيڊيا تي پھريون دفعو اچڻ وارو صاحب يا صاحبہ يا پھريون دفعو ھن انسائيڪلوپيڊيا ۾ ڪجهہ واڌورو ڪرڻ جي خواهش مند قاري جي ذھن ۾ پيدا ٿيڻ وارو سوال. اچو تہ مان پنھنجي سطح تي ڪوشش ڪريان ٿو تہ نون ايندڙن جي رھنمائي ڪري سگهان. وڪيپيڊيا ۾ صفحن ۾ سنوار ڪرڻ جي لاءِ سڀ کان پھريان تہ اوھان جي ڪمپيوٽر کي ان قابل ھجڻ گهرجي تہ تہ ان ۾ سنڌي لکي سگهجي. ڪوشش ڪريو تہ سادي سنڌيءَ ۾ لکو جيڪڏھن ڪجهہ انگريزي اصطلاح سنڌي ۾ رائج آھن تہ انھن کي زبردستي سنڌي يا اردو ۾ ترجمو ڪرڻ جي ڪا ضرورت نہ آھي. ان کان بعد اوھان وٽ معلومات جو ھڪ وسيع ذخيرو ھجڻ گهرجي. يا وري توھان ۾ معلومات کي ڪنھن ٻي ٻولي کان سنڌي ۾ ترجمو ڪرڻ جي صلاحيت ھجڻ گهرجي. ان کان علاوه اوھان کي بالغ نظر ۽ اڻڌريو بہ ھجڻ گهرجي ڇو تہ اوھان جو لکيل مواد ايندڙ نسلن جي امانت آھي. ان لاءِ ان ۾ ڌر جي ملاوٽ ايندڙ نسلن سان خيانت آھي.

سنوارڻ جي تڪنيڪ

وڪيپيڊيا ۾ جڏھن توھان ڪو بہ صفحو کوليندا آھيو تہ مرڪز ۾ معلومات لکيل ھوندي آھي ۽ ساڄي طرف، رھنمائي، ڳولا، ۽ اوزارن جي فھرست ھوندي آهي. ۽ مٿي صفحي جي عنوان کان بہ مٿي ٽيب جھڙي بڻيل آھي. مضمون، بحث، سنواريو ۽ سوانح ڏسو لکيل آھي.

ان لفظ سنواريو واري ٽيب تي ڪلڪ ڪرڻ سان صفحي جي صورت بدلجي ويندي ۽ اھو ڪجهہ ھن طرح سان نظر اچڻ لڳندو.


فائل:For edit.jpg


مرڪز ۾ نظر ايندڙ چوڪاٺ ۾ توھان لکي سگهو ٿا. جڏھن اوھان مائوس ان چوڪاٺ ۾ وٺي اچو ٿا ۽ ڪلڪ ڪيو ٿا تہ ھڪ افقي لڪير ڌڙڪڻ لڳندي آھي جيڪا ان ڳالھ جي نشاني ھوندي آهي تہ ھاڻي توھان ڪيبورڊ استعمال ڪندي لکي سگهو ٿا. ھتي اوھان ھائپرٽيڪسٽ بہ انسرٽ ڪري سگهو ٿا. پيرا ۾ وقفا ڏيڻ جي لاءِ فوٽو لڳائڻ جي لاءِ ڪنھن ٻي سائٽ جو لنڪ ڏيڻ جي لاءِ وغيره وغيره. پنھنجي تحرير مڪمل ڪرڻ کان بعد هيٺ ڏسو ھتي ٽي بٽن ٺھيل آھن. سانڍيو، پيشِ-نگاھ، ۽ تبديليون ڏيکاريو. پھريان توھان پيش نگاھ وارو بٽڻ دٻايو. اھڙي طرح توھان ڏسي سگھو ٿا تہ اوھان جو لکيل ڪيئن نظر اچي رھيو آھي يا ان ۾ ڪا ھجي وغيره جي غلطي تہ نہ رھجي وئي آھي. جيڪڏھن ڪا غلطي وغيره رھجي وئي ھجي تہ انکي صحيح ڪري ٻيھر پيشِ-نگاھ جو بٽڻ دٻايو. اھڙي طرح تبديل ٿيل مواد توھان جي سامھون ھوندو. جيڪڏھن توھان مطمئن آھيو تہ سانڍيو وارو بٽڻ دٻائي پنھنجي ڪم کي مڪمل ڪري ڇڏيو. جيسيتائين اوھان پنھنجي ڪيل ڪم کي سانڍيو جو بٽڻ دٻائي محفوظ نٿا ڪريو توھان جي سنوار مڪمل نٿي ٿي. بلڪہ اوھان جو ڪيل سڄو ڪم ضايع بہ ٿي سگۂي ٿو.

شارٽ ڪٽ ڪي سنوار ڪاري لاءِ

سنوارگاھ ۾ متن لکڻ جي دوران ڪڏهن ڪنھن عبارت کي ٽيڏو يا ٿلهو ڪرڻو هجي، ڪڏهن اندروني ڳنڍڻا، حوالا، سانچا ۽ انيڪ قسمن جا ٽيگز استعمال ڪرڻا پوندا آهن. جيتوڻيڪ انهن تمام ڪمن جي لاءِ سنوارگاھ جي مٿي بٽڻ موجود هوندا آهن، جن تي ٺڙِڪ (ڪلڪ) ڪري توهان آسانيءَ سان اهي تمام ڪم سرانجام ڏئي سگهو ٿا جيئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، تنھن هوندي بہ انهن سادن ڪمن لاءِ ٻيا ٽيڪسٽ ايڊيٽر وانگر ڪجهہ شارٽ ڪٽ ڪيز هن وڪي ايڊيٽر ۾ پڻ استعمال ڪري سگهجن ٿيون، جن جي تفصيل هن ريت آهي:


ڪم شارٽ ڪٽ
ٿلھي لکت جي لاءِ ctrl+b
عبارت ٽيڙي/ٽيڏي ڪرڻ لاءِ ctrl+i
اندروني ڳنڍڻو ([[ ]]) درج ڪرڻ لاءِ ctrl+[
سانچو درج ڪرڻ لاءِ ctrl+shift+s
عبارت وڏي ڪرڻ لاءِ alt+home
عبارت ننڍي ڪرڻ لاءِ alt+end
math ٽيگ لڳائڻ لاءِ ctrl+m
blockquote جو ٽيگ لڳائڻ لاءِ ctrl+q
source lang جو ٽيگ لڳائڻ لاءِ ctrl+s
nowiki جو ٽيگ لڳائڻ لاءِ alt+n
ref جو ٽيگ لڳائڻ لاءِ ctrl+r
سرخي درج ڪرڻ جي لاءِ ctrl+shift+$
تبصرو درج ڪرڻ جي لاءِ ctrl+shift+!
ريڊائريڪٽ جي لاءِ ctrl+shift+#
واپرائيندڙ کي ٽيڪ ڪرڻ جي لاءِ ctrl+shift+@

متن جي اسٽائلنگ

سنڌي وڪيپيڊيا جي ڪيبورڊ شارٽڪٽس جي اسڪرين شاٽ
ڪم شارٽ ڪٽ
متن جي اسٽائلنگ Content Formatting
وزني CTRL+B
ٽيڏي لکت CTRL+I
ڳنڍڻو CTRL+K
ڪمپيوٽر ڪوڊ CTRL+SHIFT+6
ليڪ CTRL+SHIFT+5
هيٺاهين لکت CTRL+,
مٿاهين لکت CTRL+.
هيٺان ليڪ CTRL+U
ھٽايو CTRL+\
ھٽايو CTRL+M
ڪلپبورڊ Clip Board
نقل ڪريو CTRL+C
ڪٽيو CTRL+X
پيسٽ ڪريو CTRL+V
سادي متن طور پيسٽ ڪريو CTRL+SHIFT+V
سوانح History
اڻڪريو CTRL+Z
ٻيهر ڪريو CTRL+SHIFT+Z
ٻيهر ڪريو CTRL+Y
درين جو ضابطو Windows Control
بند/رد تبديلي ESCAPE
تبديلي تصديقيو CTRL+ENTER
نثري فارميٽنگ Formatting
نثري ٽڪرو CTRL+0
اڳ فارميٽ ٿيل CTRL+7
قول بندڪريو CTRL+8
سرخي (1-6) CTRL+1-6
وٿي وڌايو TAB
وٿي وڌايو CTRL+]
وٿي گھٽايو SHIFT+TAB
وٿي گھٽايو CTRL+[
وجهو Insert
حوالا CTRL+SHIFT+K
ٻيو Other
لهو ۽ مٽايو CTRL+F
اڳيون لهو CTRL+G
اڳيون لهو F3
پويون لهو CTRL+SHIFT+G
پويون لهو SHIFT+F3
رخ مَٽايو CTRL+SHIFT+X
سڀ چونڊيو CTRL+A
ڪيبورڊ شارٽڪٽس CTRL+/
ڪيبورڊ شارٽڪٽس CTRL+SHIFT+/
تبديليون ڇاپيو ALT+SHIFT+S
پنھنجين تبديلين تي نظرثاني ڪريو ALT+SHIFT+V
پيش-نگاھ ALT+SHIFT+P
ھن تبديليءَ کي معمولي تبديلي ڄاڻايو ALT+SHIFT+I
ھن تبديليءَ کي معمولي تبديلي ڄاڻايو [alt-i]