وڪيپيڊيا:سلجھائپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ً

هي صفحو سنڌي وڪيپيڊيا تي هدايت نامو سمجهيو ويندو آهي۔ ۽ ان تي سڀني منتظمين جو اتفاق آهي، اهڙي ريت هي تمام يوزرن جي لاءِ پيروي ڪرڻ جو واجب معيار آهي۔ تنهنڪري انهن هدايتن تي عمل ڪندي ہوش وخرد جو دامن نه ڇڏڻ گهرجي، ان لاءِ ته هيءَ هدايت حرف آخر ناهي۔ هيءَ ڳالهه پڻ ذهن ۾ رهي ته هنن هدايتن سان ڪڏهن ڪڏهن استثناء پڻ ممڪن آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خيال رهي ته توهان جي ڪا به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نہ هجي۔ جيڪڏهن ڪنهن قسم جو شڪ هجي ته بحث صفحي تي مشورو ڪرڻ فرمائيو۔

وڪيپيڊيا ۾ ضد ابهام (واضع ڪرڻ) (انگريزي ٻولي: Disambiguation) انهن صفحن کي چيو ويندو آهي جنِ ۾ مبهم (ڳُجهي) لفظن جي تفصيل بيان ڪيل هوندي آهي. اهڙا لفظ ڪثير تعداد ۾ موجود آهن جيڪي هڪ ئي وقت مختلف فن ۽ موضوعن ۾ زير استعمال ٿيندا آهن، ۽ وڪيپيڊيا ۾ انهن تمان موضوعن تي مضمون لِکڻا هوندا آهن، پر لفظن جي ابهام جي وجهه براهه راست صفحو ناهي بڻايو ويندو. پر مبهم لفظن جي موضوعن جي تحت هڪ ئي صفحي ۾ ڪَٺا ڪري انهن کي فهرست جي شڪل ڏني ويندي آهي، اُنهيءَ صفحي کي ضد ابهام صفحو چوندا آهن.