Wikipedia:جيئري ماڻهن جي سوانح حيات

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا
Green check.svg هي صفحو وڪيپيڊيا جي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل آهي،جنهن کي وڪيپيڊيا مرتبين ۾ انتہائي مقبوليت حاصل آهي نيز هي سڀني صارفين جي لاءِ واجب الاتباع پيروي معيار آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خبردار اهو خيال رهي ته توهان جي ڪاءِ به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نه هجي۔

وڪيپيڊيا ۾ زندہه شخصيتن تي مضمون نويسي جي دوران خصوصي خيال رکيو وڃي، ڇو ته هي مضمون انتهائي حساسيت جا حامل آهن ۽ آمريڪي قوانين نيز درج ذيل وڪي حڪمت عملين جي تابع آهن:

طرز تحرير[سنواريو]

لب و لهجو[سنواريو]

بقيد حيات شخصيتن جي سوانح نگاری (بايو گرافي) لکڻ جي دوران ۾ ذمہ داري، محتاط انداز ۽ غير جانبداريءَ کي مد نظر رکندي نيز اڌوري يا مبالغہ آميز بيانن کان بچندي مضمون لکو۔ مضمونن کي محض غير انبدار رہه ڪر لکڻ ڪافي ناهي، بلڪہ ان پهلو کان به جانچيو وڃي تہ جيڪو لکيو ويو آهي، واقعي ان جي تصديق قابل اعتماد ثانوي ذرائع ڪري رهيا آهن يا نه؟ (جو معلومات شامل ڪئي وئي آهي) ڇا ان کي ڪنهن شائيع ڪيو آهي؟ يا بعض صورتن ۾ خود ان شخصيت لکيو آهي؟ بقيد حيات شخصيتن جي سوانح نگاري هڪ انتهائي اهم ۽ ذمہ داراڻو ڪم آهي جنهن جي ادائيگيءَ ۾ مڪمل احتياط ملحوظ رهڻ گُهرجي۔

توازن[سنواريو]

اگرقابل اعتماد ثانوي ذرائع ۾ تنقيد ۽ تعريف موجود هُجي ته انهيءَ کي پڻ شامل ڪريو، بشرطيڪہ متعلقہ (لاڳاپيل) مواد معتدل ۽ غير جانبدار لب و لهجي ۾ پوري ذمہ داري سان پيش ڪيو ويو هُجي۔

مخصوص نقطۂ نظر کي قطعاً جڳهہ نہ ڏني وڃي:ننڍي جماعت (اقليت: يعني اڪثريت جي ضد) جا خيالات درج ڪرڻ کان گُريز ڪريو۔ ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃڻ ضروري آهي تہ، مضمون جي مجموعي ساخت تعارفي هُجي ۽ ذيلي سرخين جا عنوانات غير جانبدار هُجن۔ ڪنهن گُروہه (هتي گروہ سان مُراد ڪنهن خاص مقصد؛ نيڪ يا بد جي لاءِ ماڻُهن جو ڳٺ جوڙ يا اتحاد مُراد آهي) جي طرف کان مجرم قرار ڏنو ويل ۽ جانبداراڻہ بدنيتي تي مُبني يا گهڻي ترويجي مواد کان خبردار رهو۔

جيئري_ماڻهن_جي_سوانح_حيات