وڪيپيڊيا:تخريب ڪاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هي صفحو وڪيپيڊيا جي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل آهي،جنهن کي وڪيپيڊيا مرتب ڪندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي گڏوگڏ هي سڀني واپرائيندڙن جي لاءِ واجب پيروي معيار آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خبردار اهو خيال رهي ته توهان جي ڪاءِ به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نه هجي۔

وڪيپيڊيا ۾ تخريب ڪاري مان مُراد ڪوِئي اضافو، حذف يا مواد ۾ اهڙي تبديلي آهي، جنهن جو مقصد وڪيپيڊيا جي سالميت سان سمجهوتو ڪرڻ هجي۔ وڪيپيڊيا تخريب ڪاري جون چند مثالون ڪنهن صفحي تي غير متعلقہ، فحش ۽ خام مزاحيا مواد شامل ڪرڻ، ناجائز طور تي يا غير منطقي انداز ۾ ڪجهه حذف (ڊانهڻ، مٽائڻ) ڪرڻ ۽ ڪنهن صفحي ۾ واضح طور تي بيڪار مواد شامل ڪرڻ آهي۔


تخريب ڪاري ممنوع آهي

جڏنهن ته يوزرن (صارفين) جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي آهي ته اُهي تخريب ڪارن کي انتباهہ ۽ تخريب ڪاري جي باري ۾ معلومات ڏين۔ اهڙي ريت منتظم انتباهہ جي طور تي يوزر (صارف) تي معينہ مدت جي لاءِ پابندي پڻ لڳائي سگهن ٿا۔

تخريب ڪاري جي نشادهي ڪيئن ڪئي وڃي

صفحو حاليا تبديليون تي نگاهہ رکي وڃي بالخصوص جدeي صفحن تي۔

تخريب ڪاري جو جواب ڪيئن ڏيجي

جيڪڏنهن توهان ڪنهن صفحي تي تخريب ڪاري ڏسو ته اُنکي مٽائي ڇڏيو يا درست ڪري ڇڏسو۔
اگر ڪوئي صفحو بي مقصد تحرير، نا مناسب مواد يا واضح تخريب ڪاري جو شڪار هُجي ته اُن صفحي کي ڊانهڻ (ڊيليٽ، حذف ڪرڻ) جي درخواست ڏيو، جنهن جي لاءِ صفحي جي شروع ۾ هيءَ رمز استعمال ڪريو {{حذف|وجهہ تحرير ڪريو|تاريخ}}۔ اهڙي ريت اگر هي تخريب ڪاري ڪنهن داخل (اندراج شدهہ) يوزر (صارف) پاران هُجي ته ان يوزر جي يوزر بحث صفحي تي اُنکي تنبيح ڪريو ۽ فوري اقدام جو مطالبو ڪريو۔

هدايتون براءِ وڪيپيڊيا مبتدي يوزر (صارفين)

تعين

ترميم جو صحيح جائزو وٺي ڪري تعين ڪيو وڃي ته ترميم نيڪ نيتيءَ سان ڪئي وئي آهي يا اُن ۾ بد نيتي شامل آهي۔

بحال

صفحي جي تاريخ کي ڏسو ۽ تخريب ڪاري کان پهرئين صفحي جي حالت کي بحال (استرجع) ڪريو۔

تنبیح

يوزر (صارف، استعمال ڪندڙ) کي تنبح ڪريو۔

نگرانی

صفحي جي نگراني ڪريو (پنهنجي واچ لسٽ ۾ اهو صفحو شامل ڪريو) ته اُن صفحي تي وڌيڪ تخريب ڪاري ته نن پئي ٿي رهي آهي۔

اطلاع

ڪنهن به منتظم کي مسلسل تخريب ڪاري کان مطلع ڪندا رهو۔

وڌيڪ ڏسو