وڪيپيڊيا:جيئري ماڻهن جي سوانح حيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هي صفحو وڪيپيڊيا جي حڪمت عمليءَ سان لاڳاپيل آهي،جنهن کي وڪيپيڊيا مرتب ڪندڙن ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي گڏوگڏ هي سڀني واپرائيندڙن جي لاءِ واجب پيروي معيار آهي۔ توهان هن صفحي ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، پر خبردار اهو خيال رهي ته توهان جي ڪاءِ به ترميم ڪنهن اتفاق راءِ جي خلاف نه هجي۔

وڪيپيڊيا ۾ زندہه شخصيتن تي مضمون نويسي جي دوران خصوصي خيال رکيو وڃي، ڇو ته هي مضمون انتهائي حساسيت جا حامل آهن ۽ آمريڪي قوانين نيز درج ذيل وڪي حڪمت عملين جي تابع آهن:

طرز تحرير

لب و لهجو

جيئري ماڻهن (حيات شخصيتن) جي سوانح نگاری (بايو گرافي) لکڻ جي دوران ۾ ذمہ داري، محتاط انداز ۽ غير جانبداريءَ کي مد نظر رکندي اهڙي ريت اڌوري يا مبالغہ آميز بيانن کان بچندي مضمون لکو۔ مضمونن کي ٺلهو غير جانبدار رہه ڪر لکڻ ڪافي ناهي، پر ان پهلو کان به جانچيو وڃي تہ جيڪو لکيو ويو آهي، واقعي ان جي تصديق قابل اعتماد ثانوي ذريعا ڪري رهيا آهن يا نه؟ (جو معلومات شامل ڪئي وئي آهي) ڇا ان کي ڪنهن شائيع ڪيو آهي؟ يا اڪثر صورتن ۾ خود ان شخصيت لکيو آهي؟ جيئري ماڻهن (حيات شخصيتن) جي سوانح نگاري هڪ انتهائي اهم ۽ ذمہ داراڻو ڪم آهي جنهن جي ادائيگيءَ ۾ مڪمل احتياط ملحوظ رهڻ گُهرجي۔

توازن

جيڪڏهن قابل اعتماد ثانوي ذريعن ۾ تنقيد ۽ تعريف موجود هُجي ته انهيءَ کي پڻ شامل ڪريو، پر شرط تہ لاڳاپيل مواد معتدل ۽ غير جانبدار لب و لهجي ۾ پوري ذمہ داري سان پيش ڪيو ويو هُجي۔

مخصوص نقطۂ نظر کي قطعاً جڳهہ نہ ڏني وڃي:ننڍي جماعت (اقليت: يعني اڪثريت جي ضد) جا خيالن درج ڪرڻ کان پاسو ڪريو۔ ان ڳالهه جو خيال رکيو وڃڻ ضروري آهي تہ، مضمون جي مجموعي ساخت تعارفي هُجي ۽ ذيلي سرخين جا عنوان غير جانبدار هُجن۔ ڪنهن گُروہه (هتي گروہ سان مُراد ڪنهن خاص مقصد؛ نيڪ يا بد جي لاءِ ماڻُهن جو ڳٺ جوڙ يا اتحاد مُراد آهي) جي طرف کان مجرم قرار ڏنو ويل ۽ جانبداراڻي بدنيتي تي مُبني يا گهڻي ترويجي مواد کان خبردار رهو۔

جيئري_ماڻهن_جي_سوانح_حيات