مواد ڏانھن هلو

Draft:امن ابن سنڌ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
امن ابن سنڌ
پيدائش5 آڪٽوبر 2006
ڳوٺ نبي بخش لغاري، تعلقو جاتي، ضلعو سجاول، سنڌ
قوميتسنڌي
تعليمفيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي (بي ايس سنڌي ادب)
پيشوشاگرد، ليکڪ

امن ابن سنڌ (اصل نالو: امن لغاري، ڄم: 5 آڪٽوبر 2006ع) سنڌ جو هڪ نوجوان ليکڪ ۽ شاگرد آهي، جيڪو في الحال فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي ۾ سنڌي ادب ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي. سندس هڪ ڪهاڻي سوچن جو قيدي سنڌي ادبي شاگرد سٿ جي ڪهاڻيءَ جي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. هو پنهنجي تعليمي سفر دوران ڪيترن مرحلن مان گذريو آهي ۽ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهائي ڪري، آخرڪار يونيورسٽيءَ تائين پهتو آهي. سندس لکڻين ۾ سنڌي ٻوليءَ، سماج، غربت، تعليم ۽ زندگيءَ جي حقيقتن جو اظهار ملندو آهي.

ابتدائي زندگي

[سنواريو]

امن ابن سنڌ جو تعلق تعلقو جاتي جي ڳوٺ نبي بخش لغاري سان آهي. شروعاتي تعليم لاءِ کيس CBS اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، پر پوءِ کيس پنهنجي علائقي جي مشهور پرائمري اسڪول مغلڀين اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتي پنجين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪيائين.

تعليم

[سنواريو]
  • پرائمري تعليم: مغلڀين پرائمري اسڪول (پنجين ڪلاس تائين)
  • سيڪنڊري تعليم: مريم ماڊل اسڪول (ڇهين ڪلاس)، گورنمنٽ هاءِ اسڪول جاتي (ستين کان انٽر ڪلاس تائين)
  • ٽيڪنيڪل تعليم: ڊي آءِ ٽي، ٽيڪنيڪل ڪاليج مڪلي، ٺٽو
  • اعليٰ تعليم: بي ايس سنڌي ادب، فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي (داخل ٿيل)

مستقبل جا ارادا

[سنواريو]

امن ابن سنڌ جو خواب آهي ته هو بي ايس مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي ادب ۾ ليڪچرار ٿئي.

حوالا

[سنواريو]

    سندس هڪ ڪھاڻي سوچن جو قيدي سنڌي ادبي شاگرد سٿ جي ڪهاڻي جي مقابلي ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.[1]

    حوالا

    [سنواريو]
    1. https://www.facebook.com/share/p/16xZatL4ij/

    ٻاهريان لنڪ

    [سنواريو]