مواد ڏانھن هلو

2017 قطر جو سفارتي بحران

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاريخ: 5 جون 2017ع
هلندڙ: (3 مهينا، 2 هفتا، 2 ڏينهن)
هنڌ: قطر، عرب جزيري نما
بحران يا گهوٽالي جي هاڻوڪي حالت: هلندڙ
مدمقابل ملڪ:
سعودي عرب
گڏيل عرب امارتون
بحرين
مصر
مالديپ
يمن
ماريطانيہ
سينيگال
لبيا
ڪيمرون
صومالي لينڊ

حمايتي ملڪ:
ایران: کاڌ خوراڪ جي مدد ۽ سفارتي حمايت
ترڪي: کاڌ خوراڪ جي مدد ۽ فوجي ۽ سفارتي حمايت

قطر جو سفارتي بحران (Qatar Diplomatic Crisis) ان وقت اوچتو شروع ٿيو جڏهن ڪيترن ئي ملڪن قطر سان پنهنجا سفارتي لاڳاپا جون 2017ع ۾ ٽوڙي ڇڏيا. جهڙوڪ سعودي عرب، بحرين، گڏيل عرب امارتون ۽ مصر وغيره. هنن ملڪن گڏوگڏ پنهنجا سفير بہ قطر مان واپس گهرايا، ۽ قطر تي سفري ۽ واپاري پابنديون بہ هڻي ڇڏيائون.

سعودي عرب ۽ ان جي اتحادي ملڪن قطر تي الزام هيو تہ قطر دهشتگردن جي مدد ڪري رهيو آهي، ان جي ڪري سعودي عرب ۽ جي اتحادي ملڪن اهڙو قدم کيو آهي، جڏهن تہ قطر ردعمل ۾ چيو اسين رڳو آمريڪا جي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مدد ڪري رهيا آهيون. سعودي عرب ۽ ان جي اتحادن مطابق قطر 2014ع ۾ "خليج تعاون ڪائونسل" جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ انهن "الجزيره ميڊيا چينل"، قطر جي ايران سان لاڳاپن تي پڻ تنقيد ڪئي.

27 جولاءِ 2017ع، تي قطر جو وزير خارجہ حماد بن خليفه الثاني صحافين سان ڳاليندي چيو تہ سعودي عرب، بحرين، گڏيل عرب امارت ۽ مصر رڳو سرڪشي ڪري رهيا آهن، جڏهن تہ اهي هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ڪو بہ قدم نہ ٿا کڻي سگهن. جڏهن تہ هن سلامتي ڪائونسل ۽ گڏيل قومن جي سڀني ادارن کي اپيل ڪئي تہ هو هن مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. 24 آگسٽ 2017ع تي قطر علانيہ ۾ چيو تہ هو ایران سان مڪمل سفارتي تعلقات بحال ڪندو.

تڪرار

[سنواريو]

پس منظر

[سنواريو]

بحران جو سبب بڻجندڙ واقعا

[سنواريو]

ترت رد عمل

[سنواريو]

گهرجون ۽ قطر جو رد عمل

[سنواريو]

پڻ ڏسندا

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]