1965ع جي پاڪستان انڊيا جنگ ۽ حرن جو ڪردار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

1965ع واري جنگ کان پوءِ سوويت يونين جي ميزباني هيٺ ٻنهي ملڪن جي سربراهن، صدر ايوب خان ۽ هندستان جي وزير اعظم لال بهادر شاستري وچ ۾ 10 جنوري 1966ع تي ٿيل تاشقند معاهدي جي اعلان ٿيڻ سان هندستان ۾ سخت ردعمل سامهون آيو، عوام پاران معاهدي خلاف سموري ملڪ ۾ سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته اهو جنگي معاهدو هڪدم رد ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته ان ۾ پاڪستان جو فائدو ۽ هندستان جو نقصان ٿيو آهي، لال بهادر شاستري تي ٿيل سخت تنقيد سبب کيس دل جو دورو پيو ۽ هو معاهدي جي ٻئي ڏينهن 11 جنوري تي تاشقند ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو، اڳ ئي هڪ وڏي عوامي دٻاءُ جو شڪار سرڪار لاءِ شاستري جي ڪُمهلي موت سبب ٻيو وڏو حڪومتي بحران به پئدا ٿي ويو هو, جنهن سبب ڇت ڪتائي جو شڪار ٿيل سرڪار عوامي ڪاوڙ لاهڻ لاءِ پنهنجي ئي ملڪ جي هڪ وڏي آبادي خلاف بي رحم رياستي طاقت استعمال ڪندي يعقوب سنگراسي صاحب جي بيان ڪيل ماڻهن کي پنهنجي اباڻن ڳوٺن مان تڙي پاڪستان ڏانهن وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو هو،

جنگي ڪاروائين بابت رڳو اهي فوجي ڄاڻيندا آهن, جيڪي ڪنهن جنگ ۾ حصو وٺي رهيا هوندا آهن ۽ ٻيو وري اهي آباديون ئي بهتر ڄاڻي سگهن ٿيون جن جا ماڻهو اهڙين حالتن مان گذريا هجن، گهر ۾ ويهي اهڙين ڪاروائين جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، هوا مان هوائي جهازن ذريعي بمباري، زمين کان زمين تي ميزائيلن، ٽينڪن، توبن، مارٽر گنن ۽ ٻين وڏن، وچولن ۽ ننڍن هٿيارن جي شيلنگ ۽ فائرنگ سان جيڪو منظر ٺهي سگهي ٿو ان جو تصور به لِڱ ڪانڊاري ڇڏي ٿو، جيستائين حُر فورس جو تعلق آهي ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سنڌ جي ڪنگري واري هڪ پيراڻي گادي جا مريد هئا، اهي پير صاحب به پنهنجي حُر مريدن سميت ملڪي سياست ۾ حصو وٺندا رهيا آهن، انهن سان سياسي ۽ نظرياتي اختلاف ضرور رکڻ گهرجن، پر انهن اختلافن جي بنياد تي ملڪ ۽ قوم جي حفاظت لاءِ سندن ادا ڪيل بي مثال ڪردار کان انڪار ڪڏهن به نه ڪرڻ گهرجي، انگريز دور ۾ 1890ع واري ڏهاڪي جي پهرين حُر تحريڪ، 1940ع واري ڏهاڪي جي شهيد سورهيه بادشاھ جي اڳواڻي واري ٻي حُر تحريڪ، سورهيه بادشاھ جي شهادت کانپوءِ ان تحريڪ جي بنا اڳواڻي وارين ڇڙواڳ ڪارواين، 1963ع واري پاڪ ڀارت وچ ۾ ٿيل رڻ ڪڇ واري جنگ، 1965ع ۽ 1971ع وارين جنگين ۾ هڪ پيراڻي گادي جي مريدن طور حرن جي ادا ڪيل ويڙهاڪ ڪردار سبب ان جماعت کي مليل وڏي مڃتا، انهن هٿياربند تحريڪن ۽ جنگين ۾ حصو وٺڻ ڪري منجهن فطري طور جيڪو نظم ۽ ضبط پئدا ٿيو يا جيئن انهن هٿياربند مزاحمتن جي ڪري هنن جي عام برادرين، گروپن يا ٻين پيراڻين گادين جي مريدن کان الڳ هڪ خاص سڃاڻپ بڻجي وئي هئي ان سا کين نقصان اهو ٿيو جو ڪيتريون ئي برادريون ۽ جماعتون ان جماعت سان ايئن ئي ساڙ رکڻ لڳيون هيون، جيئن ڪنهن به شعبي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري، نالو، عزت، شهرت ۽ ٻيون مراعتون ماڻڻ واري ماڻهو سان سندس همعصر دوست رکندا آهن، اهو سڀ اهڙي ساڙ ۽ عجيب و غريب سوچ جو نتيجو آهي جو انهن جنگين دوران سرحد جي ٻئي پاسي، راجستان ۾ پنهنجي فتح ڪيل علائقن ۾ حُرن پاران ڪيل عام جنگي ڪارواين کي يعقوب سنگراسي جهڙن سلجهيل ٿري ماڻهن پاران وڌائي پيش ڪيو ويندو رهيو آهي ۽ ٿر جي سنڌ واري حصي ۾ سوين ماڻهو مارڻ، گم ڪرڻ، ڦرلٽ کان پوءِ شهر ۽ ڳوٺ ساڙڻ جهڙين ڪارواين جي ذميوار قابض فوج لاءِ قلم ۽ زبانون بند رکيون وينديون آهن. حُر ڪي فرشتا نه هئا، انهن ۾ اهڙا گندا ماڻهو به ضرور رهيا هوندا جن انهن جنگين دوران جنيوا ڪنوينشن خلاف اڻوڻندڙ ڪاروايون ڪيون هونديون، هڪ عام چوڻي به آهي ته “جنگ ۽ محبت ۾ سڀ ڪجھ جائز آهي” اهڙين ڪارواين جي بنياد تي حُرن جي مجموعي ڪردار کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته انهن جنگين دوران پنهنجي وطن جي سرزمين جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ نوجوان حُر شهيدن جون قبرون رڻ ڪڇ، ٿر، اڇڙي ٿر ۽ پنجاب جي چولستان واري روهي جي چپي چپي تي ٺاهيون ويون هيون، جن مان گهڻيون ميسارجي چڪيون آهن پر ڪجھ اڃا تائين به انهن پٽن تي موجود آهن، جن کي اتي فوجي اعزاز سان دفنائڻ وقت سندن ساٿين ضرور قُل پڙهيا هوندا پر پنهنجي ڳوٺن کان گهڻو پري جنگي محاذ تي وڙهندي شهيد ٿيل انهن بهادرن جي ونين، اولاد توڙي والدين کي سندن قبرن تي بيهي چار قُل پڙهڻ ۽ ڪجھ لڙڪ لاڙڻ جو موقعو به ڪڏهن ڪونه مليو. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. روزآني ڪاوش، حيدرآباد، دنيا ميگزين، آچر 9 جولاءِ، 2017، ڪالم نگار؛ نور محمد راهمون