16 جُولاءِ
ڏيک
(16 جولاءِ کان چوريل)
16 جُولاءِ (انگريزي ٻولي: July 16)، عيسوي سال جو 197 هون (ليپ سال 198 هون) ڏينهن آهي، سال پوري ٿيڻ ۾ 168 ڏينهن (ليپ سال 169 ڏينهن) باقي آهن.
واقعا
[سنواريو]- 622ع — محمد مڪي کان مديني حجرت ڪئي، انهي تاريخ کان هجري سال جو آغاز ٿيو.[1]
- 1790ع — واشنگٽن ڊي سي کي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو گادي وارو شھر بڻايو ويو.
- 1901ع — هڪ نوٽيفڪشن ذريعي ٻڌايو ويو تہ 1 آگسٽ کان لاڙڪاڻي کي ضلعي جي حيثيت ڏني ويندي.[2]
- 1934ع — سنڌ ۾ واپارين جو ڏينهن ملهايو ويو، ان ڏينهن جو ملهائڻ مقصد سنڌ ۾ واپار کي هٿي ڏيڻ هو.[2]
- 1945ع — آمريڪا پهرين ائٽم بم جو تجربو ڪيو.
- 1947ع — هائوس آف لارڊس هندوستان جي آزادي واري بل جي منظوري ڏني.[2]
- 1951ع — لياقت علي خان ڪراچي ۾ ريڊيو پاڪستان جي نئين برادڪاسٽنگ گھر جو افتتاح ڪيو.[1]
- 1962ع — مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي تان پابندي ختم ڪري سياسي هلچل جي اجازت ڏني وئي.[2]
- 1967ع — گل ياسمين (چنبيلي) کي پاڪستان جو قومي گل قرار ڏنو ويو.[1]
- 1969ع — نيل آرمسٽرانگ اپالو يارهن خلائي جهاز جي ذريعي چنڊ طرف روانو ٿيو.[3]
- 1969ع — مخدوم طالب الموليٰ پاڪستان پيپلز پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي.[2]
- 1979ع — عراقي صدر جنرل احمد حسن البڪر استعفي ڏني ۽ صدام حسين اقتدار تي آيو.[1]
- 2001ع — چين ۽ روس پاران خوشگوار پاڙيسري ۽ دوستي جي مهادي تي دستختون ڪيون ويون.[1]
پيدائش
[سنواريو]- 1939ع — آيت الله خامنائي، ايران جو سپريم ليڊر
- 1968ع — ليري سينگر، وڪيپيڊيا جي بانين مان ھڪ باني
- 1983ع — ڪترينہ ڪيف، ھندوستاني اداڪارہ
فوتگيون
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 4 5 "آج کا دن تاریخ میں". urdu.co. urdu.co. 16 July 2018 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 4 5 "روزاني ڪاوش صفحو 5 16 جولاءِ 2013". روزاني ڪاوش. اصل نسخو مان 22 November 2013 تي محفوظ ڪيل. 15 July 2018 تي حاصل ڪيل.
{{cite news}}: More than one of|archivedate=and|archive-date=specified (مدد); More than one of|archiveurl=and|archive-url=specified (مدد); Unknown parameter|dead-url=ignored (|url-status=suggested) (مدد) - ↑ "On This Day: July 16". نيويارڪ ٽائيمز.