آٽوگراف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ھٿ اکري کان چوريل)
مولانا ابولڪلام جو آٽوگراف

ڪنهن به مشهور شخصيت جي صحي يا دستخط يا سندس لکي ڏنل پيغام کي آٽوگراف چئبو آهي. انکان علاوه مصنف جي هٿ سان لکيل پراڻا قلمي نسخا، هٿن سان لکيل مسودا، جن تي لکندڙن جون صحيون به ٿيل هجن، انهن کي به آٽوگراف چئبو آهي، ڪنهن به اهم شخصيت کان صحي وٺڻ جو شوق 17 هين صدي عيسوي کان شروع ٿيو، ان سلسلي ۾ جرمني، ناروي، بيلجم ۽ هالينڊ جي يونيورسٽين جا شاگرد ويندي ويندي پنهنجي استادن ۽ دوستن کان البم تي صحيون وٺندا ۽ تاثرات لکائيندا هئا ۽ البم يادگار طور محفوظ ڪري رکندا هئا ۽ اهو سلسلو اڄ به قائم آهي. سياستدانن، فنڪارن، اديبن، رانديگرن ۽ اهم شخصيتن سميت استادن ۽ دوستن کان آٽوگراف وٺڻ جو رواج عام جام آهي. سنڌ ۾ پڻ اهو شوق گهڻن ماڻهن، خاص ڪري نوجوانن کي هوندو آهي . آٽوگراف ڪنهن به مشهور شخصيت جي صحي/دستخط يا سندس لکي ڏنل پيغام کي ”آٽوگراف“ چئبو آهي. ان کان سواءِ مصنف جي هٿ سان لکيل پراڻا قلمي نسخا، هٿ اکري لکيل مسودا، جن تي لکندڙن جون صحيون ٿيل هجن، انهن کي به آٽوگراف چئبو آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي