ھندو شاھي
ھندو شاھي (Hindu Shahi) مقامي بادشاھن جو اھو سلسلو، جنھن آخر تائين عربن يا مسلمانن جي مزاحمت ڪئي، برھمن شاھي، ھندو شاھي يا ڪابل جا رايا خاندان ھو. مسلمان مؤرخن کين رتبیل، زنبیل ۽ زنتبیل لکيو آھي.
تازين تحقيقن موجب ھي اصل ۾ زندہ پيل، يعني فارسي جو ژندہ پيل، معنيٰ فيل زيان ھو. فردوسي وٽ ”بہ تن ژندہ پيل و بہ جان جبرئيل“ آيو آھي؛ ٻيون صورتون ان جون تحريفي صورتون آھن.[1]
عبدالحي حبيبي چوي ٿو تہ ھي نالو مختلف املائن ۾ رتبال، رسل، رتسل، زنبیل، رن بیل وغيره صورتن ۾ ٽئين ھجري صدي تائين عرب مؤرخ ڪابل شاھ ۽ سجستان جي بادشاھ لاءِ لکندا رھيا آھن. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھي ڪنھن خاص شخص جو نالو نہ ھو، بلڪہ خاندان جو موروثي لقب ھو. ويلبون ۽ راورٽي ان کي رتن، يعني رتن پالہ يا رنہ پالہ، سمجھن ٿا. ٻين لکندڙن ڪنھن ھڪ قرائت تي ڀروسو نہ ڪيو آھي. ممڪن آھي تہ ھي نالو راون زبل يا راءِ زبل ھجي، جنھن جي معنيٰ زابل جو راءِ يا رانا ٿيندي. منھنجي نظر ۾ ھن لفظ جو صحيح املا رتپيل آھي، جنھن جي تفصيل ۽ سند مون پنھنجي ڪتاب ”لوئيڪان“ ۾ ڏني آھي.[2]
حڪمران ۽ گاديءَ جو ھنڌ
[سنواريو]البيروني کين بلند ڪردار جا حڪمران ٻڌائي ٿو. سندس بيان موجب ھي نالا ملن ٿا: سامند، يعني سامنتہ ديو؛ ڪمالو، يعني ڪمرہ؟؛ ڀيم، يعني ڀيمہ ديو؛ جي پال، يعني جيہ پالہ؛ آنند پال، يعني آنند پال؛ تروجن پال، يعني ترلوچن پال. ان کان سواءِ چئن حڪمرانن جا نالا اوڀر افغانستان ۽ پنجاب مان مليل سڪن مان معلوم ٿيا آھن: سھالا پتي، پدما، خوروديڪا ۽ نکا ديو. راج ترنگني جو مؤلف ھن خاندان جي تاريخ تي ڪجھ روشني وجھي ٿو. ھو بيان ڪري ٿو تہ ڀيم ديو ڪشمير جي راڻي ددّا جو ڏاڏو ھو. ھي خاندان ورود اسلام کان 421ھ / 1030ع تائين موجود رھيو. جڏھن افغانستان جي اوڀر حصي تي اسلامي لشڪر جو قبضو ٿيو تہ گاديءَ جو ھنڌ گرديز ۽ ڪابل مان اوھنڊ، يعني ويھنڊ، منتقل ٿي ويو.[3][1]
نسل
[سنواريو]ھن خاندان کي شاھي يا ترڪي شاھي بہ چيو ويندو آھي. شاھي اھو لقب آھي، جيڪو سڀ جاٽ استعمال ڪندا آھن، ۽ ھن لفظ جو تعلق وچ ايشيا سان آھي. پر البيروني لکيو آھي تہ ڪلر نالي برھمن وزير تخت تي قبضو ڪري ھندو شاھي خاندان جو بنياد وڌو. ٻئي طرف ترنگني راج جو مؤلف ڪلھڻ، جيڪو پاڻ بہ برھمن ھو، گنڌارا جي ھنن حڪمرانن کي صاف طور کتري سڏي ٿو. ھو اھو بہ ٻڌائي ٿو تہ ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ ڪشمير کان ٻاھر بہ سندن اولاد شاھي راج پتر سڏبي ھئي. ان ڪري ھتي البيروني غلط آھي. ھي خاندان برھمن نہ، بلڪہ جاٽ ھئا.[4]
عربن جا حملا
[سنواريو]اسلامي لشڪر سان رتنبل جو پھريون ٽڪراءُ 24ھ / 644ع ۾ ارگنداب ۾ ٿيو، جنھن ۾ رتنبل مارجي ويو. البلاذري ھياطلہ جي نالي سان سندس ملڪ جو ذڪر ڪيو آھي ۽ چيو آھي تہ اھو ھرات تائين پکڙيل ھو.[5]
25ھ / 35ھ جي وچ ۾ سيستان جي حاڪم عبدالله بن عامر سخت جنگ کان پوءِ ڪابل فتح ڪيو. پر جڏھن عربن جو لشڪر واپس ٿيو تہ وڌيڪ پنجن سالن لاءِ مقامي حڪمران وري اچي ويا. پنجن سالن کان پوءِ عبدالله بن عامر ڪابل ٻيھر مسخر ڪيو، پر مقامي حڪمران بدستور حڪمران رھيا.
44ھ / 664ع ۾ سيستان جي حڪمران عبدالرحمٰن بن سمرہ شورش کي چيڀاٽڻ لاءِ بست ڪيش، يعني ھلمند وارن ھنڌن، زمينداور ۽ رخج ڏانھن پيش قدمي ڪئي، ۽ زابل، وادي ترنڪ مان ٿيندو پھريائين غزنہ، پوءِ ڪابل پھتو، ۽ منجنيقن جي مدد سان ڪابل فتح ڪيو. ساڳئي سال ابن مسرق جي حڪم سان مھلب بن ابي صفرہ ھڪ لشڪر وٺي پشاور ڏانھن وڌيو ۽ ڪابل شاھ کي شڪست ڏني، جنھن سان ست ”ژندہ پيل“ ھئا، ۽ ھر ژندہ پيل سان چار ھزار سوار ھئا. ان کان پوءِ مھلب درياءِ سنڌ پار ڪيو ۽ لاھور، ملتان مان ٿيندو قندابيل فتح ڪري گھڻو مال غنيمت کڻي واپس ٿيو.
59ھ / 679ع ۾ ڪابل جي نئين حڪمران عباد بن زياد ڪابل جي ويجھو ھڪ ھندي لشڪر تي فتح حاصل ڪئي. 62ھ / 281ع ۾ افغانستان جي رھاڪن شاھ ڪابل جي اڳواڻيءَ ۾ بغاوت ڪئي. سيستان جي نئين امير يزيد بن زياد ۽ ابو عبيدہ بن زياد ڪابل تي حملو ڪيو، جتي سخت مزاحمت ڪئي وئي ۽ ڪيترائي مسلمان شھيد ٿيا. ابو عبيدہ کي قيد ڪيو ويو؛ تنھنڪري دمشق مان طلحہ الطلحات کي نئين تنظيم لاءِ موڪليو ويو.
مروان بن الحڪم جي عھد خلافت ۾ عبدالعزيز بن عبدالله عامر کي سيستان جو نئون حاڪم بڻايو ويو. ھو 46ھ / 386ع ۾ اتي پھتو، طلحہ جي لشڪر کي گڏ ڪيو، ۽ باغي افغانن جي سرڪوبيءَ لاءِ بست ۽ ڪابل جو رخ ڪيو، جتي رتنبل کيس شڪست ڏني.
73ھ / 692ع ۾ حجاج عبدالله بن اميہ کي سيستان موڪليو. ھن بست تي حملو ڪري زنتبل کي ڳرو تاوان ڏيڻ تي مجبور ڪيو. 75ھ / 694ع ۾ عبدالله معزول ٿيو تہ انتظام بگڙي ويو. 78ھ / 697ع ۾ عبدالله بن بڪرہ، يعني عبيد بن بڪرہ، باميان جي رستي ڪابل تي حملو ڪيو، پر زنتبل کي ست لک درھم ڏئي صلح تي مجبور ٿيڻو پيو. 79ھ / 698ع ۾ عبدالله بست ۾ فوت ٿيو تہ سندس پٽ بوھر دعتہ زنتبل کان ست لک درھم کسي سيستان آيو.
82ھ / 701ع ۾ حجاج جي حڪم سان عبدالرحمٰن بن اشعث سيستان جي خارجي سردار ھمام بن عدي کي شڪست ڏني. پوءِ ھن بست تي حملو ڪري زنتبل سان جنگ ڪئي، گھڻو مال غنيمت حاصل ڪيو، ۽ سيستان، زابل ۽ ڪابل تي پورو اقتدار حاصل ڪرڻ کان پوءِ حجاج سان مقابلي جو ارادو ڪيو، پر شڪست کائي زرنج موٽي آيو. حجاج جي ھدايت تي اتر خراسان جي حاڪم مھلب، مفضل کي وڏو لشڪر ڏئي عبدالرحمٰن جي سرڪوبيءَ لاءِ موڪليو. عبدالرحمٰن بست ڏانھن پٺتي ھٽيو، پر مفضل سندس پيڇو ڪيو. بست ۽ رخج جي وچ ۾ عبدالرحمٰن شڪست کائي زنتبل وٽ پناھ ورتي. جڏھن زنتبل دائمي دوستي ۽ لگان جي معافيءَ جي واعدي تي کيس ۽ سندس ساٿي ابو نصر کي حجاج جي ايلچيءَ حوالي ڪرڻ چاھيو تہ ٻنھي ڇت تان ٽپو ڏئي جان ڏني. ھي سڀ واقعا 84–85ھ / 704ع ۾ پيش آيا.
86ھ / 705ع ۾ قتيبہ بن سلمہ سيستان جو حاڪم مقرر ٿيو. سندس قائم مقام اشعث بن عمرو 88ھ / 706ع ۾ بست وٽ زنتبل سان جنگ ڪئي. پوءِ عتبہ جي ڀاءُ عمرو زنتبل کان اٺ لک درھم وٺي صلح ڪئي. پر 94ھ / 713ع ۾ عتبہ خراسان مان واپس ٿيو تہ زنتبل ڏھ لک درھم ساليانو خراج منظور ڪيو. 89ھ / 709ع ۾ تيزڪ بن باعيسیٰ عربن خلاف بغاوت ڪئي تہ ٻين وانگر ڪابل شاھ کان بہ مدد جو واعدو ورتو ويو. ان جنگ ۾ تيزڪ بن باعيسیٰ شڪست کاڌي.
ڪامياب دفاع
[سنواريو]109ھ / 727ع ۾ محمد جحش سيستان مان نڪري زنتبل سان سخت لڙايون ڪيون. ان دوران عربن ۾ پاڻ ۾ تڪرار پيدا ٿي ويا. ان ڪري بنو اميہ سلطنت جي زوال تائين سيستان گھرو ويڙھ جو مرڪز بڻيل رھيو. جيتوڻيڪ ان دوران اسلامي لشڪر سمنڊ جي رستي ھندستان پھچي سنڌ ۽ ملتان فتح ڪري چڪو ھو (96ھ / 714ع). اھڙيءَ طرح افغانستان جي پٺيان اسلامي فتوحات جو سلسلو جاري ھو، پر افغانستان ۾ مقامي رھاڪو آخر تائين مقابلو ڪندا رھيا.
151ھ / 738ع ۾ سيستان جي حاڪم معن بن زائدہ زنتبل سان جنگ ڪئي ۽ سندس ناٺي مارند ماويد کي گرفتار ڪري بغداد موڪليو. پر سيستان جي ماڻھن معن بن زائدہ کي قتل ڪري ڇڏيو. 129ھ / 775ع ۾ تميم بن سعيد سيستان جو حاڪم مقرر ٿيڻ کان پوءِ بست ۽ رخج ڏانھن لشڪر ڪشي ڪئي، پوءِ ڪابل شاھي زنتبل سان جنگ ڪري سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري بغداد موڪليو. ان کان پوءِ عثمان بن عادہ، والي سيستان، سان جنگ ٿي. يزيد بن حر، حاڪم سيستان، 871ھ / 497ع ۾ ڪابل ۽ زابل تي حملو ڪيو. 151ھ / 738ع ۾ سيستان جو نئون حاڪم عيسیٰ ڪابل تائين وڌي ويو. 991ھ / 418ع تائين عباسي حڪومت نالي ماتر رھي، نہ تہ حقيقت ۾ اقتدار آل طاھر جي قبضي ۾ اچي چڪو ھو. طاھري اثر ۽ رسوخ اولھه ۽ اتر افغانستان تائين محدود ھو، جڏھن تہ ڏکڻ ۽ اوڀر افغانستان تي ڪابل شاھي بدستور حڪمران ھئا.
افغانستان مان پسپائي
[سنواريو]بنو اميہ ۽ بنو عباس جي دور ۾ سيستان خوارج جو مرڪز رھيو. صفارين جو ھتي 247ھ کان 393ھ تائين زور رھيو. انھيءَ خاندان جي ھڪ رڪن يعقوب پنھنجي ڀاءُ عمرو سان گڏ صالح بن نصر، حاڪم سيستان، جي درٻار تائين رسائي حاصل ڪئي. ھن خوارج کي شڪست ڏئي سيستان جي ماڻھن کان بيعت ورتي. صالح ڪابل شاھي کان مدد گھري تہ يعقوب کيس بہ شڪست ڏئي موت جي گھاٽ لاھي ڇڏيو ۽ بست ۽ ڪابل تي قبضو ڪيو. 258ھ / 871ع تائين ھن رخج، بلخ، باميان، زمينداور، والشبان، تگين آباد، قندھار، غزني ۽ ڪابل فتح ڪري چڪو ھو. ابن خلڪان جي چوڻ موجب ھن 259ھ / 876ع کان 263ھ / 876ع تائين ملتان، رخج، طبس، زابلستان، سنڌ ۽ مڪران جي بادشاھن کي مطيع ڪري ڇڏيو. ھو پھريون حڪمران ھو، جنھن درياءِ آمو کان سيستان ۽ بادغيس، مرو ۽ ھرات کان ڪابل، گرديز ۽ زابلستان تائين سڄي افغانستان تي قبضو ڪيو.[1]
غزنويَن سان ٽڪراءُ
[سنواريو]977ع ۾ سبڪتگين غزني جو حڪمران بڻيو. سندس رياست جون اوڀر سرحدون ھندستان جي رياست سان ملنديون ھيون، جيڪا وادي لمغان کان چناب تائين پکڙيل ھئي. آخري برھمن شاھي راجا جي ڪا اولاد نہ ھئي، تنھنڪري ھن لاھور جي راجا جئپال کي پنھنجي سلطنت جو وارث مقرر ڪيو، جيڪو ھڪ طاقتور حڪمران ثابت ٿيو. سندس تعلق گجرن جي شاھي قبيلي کٽانہ سان ھو.
سلطان محمود غزنوي 991ع ۾ غزني جو حڪمران بڻيو. ھن پنھنجي پيءُ جي عھد ۾ جئپال خلاف لڙائين ۾ حصو ورتو ھو. سلطان محمود غزنوي جو پھريون حملو ڪو باقاعدہ حملو نہ ھو. سندس ڪجھ آفيسرن چند سرحدي قلعا پنھنجي قبضي ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ اھي ڪامياب رھيا. جي پال وڏي فوج سان، جنھن ۾ ٻارھن ھزار سوار، ٽيھ ھزار پيادا ۽ ٽي ھاٿي سوار شامل ھئا، غزني جو رخ ڪيو. سلطان محمود غزنوي سندس مقابلو ڪيو، ۽ جي پال وڏي فوج باوجود مسلم فوج جي جانبازن اڳيان نہ ٽڪي سگھيو. سلطان محمود ھندو شاھي حڪمرانن جي گاديءَ جي ھنڌ ويھنڊ کي تاراج ڪيو ۽ جئپال کي سندس پٽن ۽ پوٽن سميت گرفتار ڪيو. جئپال ھڪ وڏي رقم ۽ پنجاھ ھاٿي ڏيڻ جو واعدو ڪري صلح ڪئي. جئپال کي غزنويَن جي مقابلي ۾ اھڙيون شڪستون مليون ھيون جو ھو شرم وچان جيئرو رھڻ نہ پيو چاھي. تنھنڪري ھن پنھنجي پٽ آنند پال کي جانشين مقرر ڪري پاڻ کي چتا ۾ ساڙي ڇڏيو.
1005ع ۾ جڏھن محمود غزنوي ملتان جي قرمطي حڪمران ابوالفتح دائود خلاف فوج ڪشي لاءِ ويھنڊ جو رستو اختيار ڪيو، تڏھن آنند پال، محمود غزنوي جو باج گزار ھجڻ باوجود، سندس رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. محمود غزنوي کيس پشاور جي ويجھو سخت شڪست ڏني. واپسيءَ تي ھن جي پال جي ڏوهٽي سڪہ پال کي مفتوحہ علائقي جي حڪومت سپرد ڪئي، جنھن اسلام قبول ڪيو ھو؛ اڪثر مؤرخن کيس نواسہ شاھ لکيو آھي. سڪہ پال ڏٺو تہ محمود غزنوي ٻين ملڪن سان جنگ ۾ مصروف آھي، سو اسلام ڇڏي پنھنجو پراڻو مذھب ٻيھر اختيار ڪيو ۽ سلطان خلاف بغاوت ڪئي. محمود غزنوي کي ان جي خبر ملي تہ ھو پنھنجي مهم فوري ختم ڪري برصغير ڏانھن روانو ٿيو. سڪہ پال جنگ ۾ شڪست کاڌي ۽ جبلن ڏانھن ڀڄي ويو، پر محمود جا سپاھي کيس گرفتار ڪري کڻي آيا. محمود غزنوي ساڻس سٺو سلوڪ ڪيو ۽ جنگي تاوان وٺي کيس ھڪ قلعي ۾ محصور ڪري ڇڏيو.
سکپال جي بغاوت ختم ڪرڻ کان پوءِ محمود غزنوي ضروري سمجھيو تہ آنند پال کي سزا ڏئي، ڇو تہ ملتان جي مهم دوران جڏھن ھو پنجاب مان گذرڻ پيو چاھي تہ آنند پال معمولي مزاحمت کان پوءِ ڀڄي ويو ھو. ھاڻي آنند پال جي ڪا حقيقي طاقت نہ رھي ھئي، پر سرحد تي فتني جو اڪيلو ۽ اھم سبب اھو ئي ھو. تنھنڪري محمود کيس سزا ڏيڻ ضروري سمجھيو. آنند پال کي بہ اندازو ٿي ويو ھو تہ محمود غزنوي سندس خلاف ڪارروائي ڪندو. ان ڪري ھن بہ تياري ڪئي ۽ ھندو راجائن کي گڏ ڪري ھڪ زبردست فوج تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنھن ۾ ھو ڪامياب رھيو. ھن ڀيري ھو اڪيلو نہ ھو، بلڪہ سندس گڏ اجين، گواليار، ڪالنجر، قنوج، دھلي ۽ اجمير جي راجائن سان گڏيل محاذ ٺاھيو ويو. ايشوري پرشاد موجب نسل، مذھب ۽ حب الوطني جون قوتون ھندو تھذيب ۽ ثقافت جي تحفظ ۽ ٻاھرين حملي آورن کان بچاءَ لاءِ متحد ٿي ويون. بيان ڪيو وڃي ٿو تہ آنند پال جي گڏيل محاذ ۾ ھندو کوکر قبيلي جا ٽيھ ھزار جوان شامل ٿي ويا ھئا. پر فوج جي ھي وڏي تعداد خوفزده ڪرڻ لاءِ تہ ڪافي ھئي، ميدان جنگ ۾ جوھر ڏيکارڻ لاءِ نہ. نتيجو اھو نڪتو تہ ويھنڊ جي ويجھو ميدان جنگ ۾ گھمسان جو رڻ پيو تہ ھندو فوج ڀڄي نڪتي، ۽ بيشمار مال غنيمت محمود غزنوي جي ھٿ آيو. شڪست کائڻ باوجود آنند پال ھمت نہ ھاري. ھاڻي سندس گاديءَ جو ھنڌ نندانہ ھو.[6]
خاتمو
[سنواريو]آنند پال جي مخالفت جو امڪان ختم نہ ٿيو ھو، تنھنڪري محمود غزنوي 1009ع کان 1010ع ۾ مٿس حملو ڪيو. آنند پال مجبور ٿي سر تسليم خم ڪيو ۽ واعدو ڪيو تہ ھو ھر سال غزنہ کي خراج ادا ڪندو رھندو، ان کان سواءِ محمود غزنوي جي فوج کي ھڪ دستو بہ مھيا ڪندو.
آنند پال کان پوءِ سندس پٽ ترلوچن پال حڪمران بڻيو. سندس رويو بہ ٺيڪ نہ ھو، تنھنڪري سلطان لاءِ سندس خلاف ڪارروائي ڪرڻ ضروري ٿي. ترلوچن پال کي خبر پئي تہ سلطان سندس خلاف جنگ جو ارادو ڪري رھيو آھي تہ ھن پنھنجي جاءِ تي ڀيم پال کي نندانہ جو قلعو سپرد ڪيو ۽ پاڻ ڪشمير ھليو ويو. سلطان ھڪ مختصر لڙائيءَ ۾ ڀيم پال کي شڪست ڏئي نندانہ جو قلعو فتح ڪيو، پوءِ ترلوچن جي ڳولا ۾ ڪشمير روانو ٿيو ۽ کيس شڪست ڏني، پر اھو ھٿ نہ آيو.[7]
دور حڪومت
[سنواريو]اھڙيءَ طرح برھمن، يعني ھندو، شاھي خاندان جي ساڍا ٽي سؤ سال حڪومت ڪرڻ کان پوءِ سج لھي ويو. ھن خاندان جو بنياد ڪاپسيا ۾ پيو ھو. جڏھن افغانستان جي اوڀر حصي تي اسلامي لشڪر جو قبضو ٿيو تہ گاديءَ جو ھنڌ گرديز ۽ ڪابل مان، پوءِ ڪابل مان اوھنڊ، يعني ويھنڊ، منتقل ٿيو، جنھن کي ترنگني راج ۾ ادھي پانڊي چيو ويو آھي؛ پوءِ نندانہ، جھلم جي ويجھو، منتقل ٿيو، جتي ھي خاندان ختم ٿيو.
حوالا
[سنواريو]- افغانستان جي تاريخ
- افغانستان ۾ هندو مت
- پاڪستان جون سلطنتون ۽ بادشاھتون
- پاڻمرادي ماپ سان گھڻيون تصويرون استعمال ڪندڙ صفحا
- علامتي ڪيپشن يا قسم پيراميٽرن سان معلومات خانو ملڪ يا معلومات خانو اڳوڻو ملڪ استعمال ڪندڙ صفحا
- ڪابل شاھي
- ھندستان جي تاريخ
- وچ ايشيا جا اڳوڻا ملڪ
- وچئين دور جا ھندستاني شاھي سلسلا
- وچئين دور ۾ افغانستان
- وڪي ڊيٽا کان مختلف مختصر وضاحت
- هندو شاھي سلسلا
- هندو شاهي گهراڻا