مواد ڏانھن هلو

ھماليہ جا رھاڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Map of the Himalaya

هماليا جا رهاڪو: همالي ماڻهو بلند پهاڙي علائقي ۾ رهن ٿا. سندن جابلو زندگي ڪيترن ئي ڳالهين جي ڪري عام ماڻهن جي رهڻي ڪهڻيءَ کان مختلف آهي. هماليه ۾ اٽڪل 20 ملين ماڻهو آباد آهن، اهي ننڍن ڳوٺن ۾ سوڙهن گهرن ۾ زمين ۽ پهاڙن جي وچ ۾ رهن ٿا. شڪل شبيهه جي لحاظ کان همالي ماڻهو قد جا ننڍا ۽ جسم ۾ مضبوط ٿين ٿا، سندن وار ڪارا لسا، اکيون ڪاريون ۽ رنگ ناسي ٿئي ٿو،جابلو ماڻهو مڪئي کان علاوه ٻيا به ڪيترائي فصل پوکين ٿا. اٻاريل ۽ تريل پٽاٽا سندن پسنديده کاڌو آهي. سندن معيشت جو ذريعو زرخيز زمين، وسيع ٻيلا ۽ چراگاهه آهن، معدني زخيرن جي کوٽائي ۽ پاڻيءَ مان بجلي پيدا ڪرڻ جو ڪم سخت برفاني پهاڙي علائقن جي ڪري اڃا تائين ٿي نه سگهيو آهي. وڏو جبل هماليه 30 جبلن جي قطار تي مشتمل آهي جنهن مان ڪجهه 24،000 فٽ سمنڊ جي سطح کان مٿانهان آهن. همالي قطار ۾ ”نانگا پربت“ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آهي، اوڀر کان ”نامچا باروا“ تبت ۾ آهي. 229،500 اسڪوائر ميل هماليه جبل جي پکيڙ آهي. پهاڙي علائقي مان 19 وڏيون نديون نڪرن ٿيون، جن مان ”سنڌو ندي“ ۽ برهمپترا ندي“ تمام وڏيون آهن. هماليه لفظ سنسڪرت ٻوليءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي؛”برف جو گهر.“ ياڪ، Yak (هڪ گهريلو جانور آهي) مينهن جهڙو جانور آهي. هيءُ پهاڙي علائقي جو پسنديده ۽ تمام ڪارائتو جانور آهي. ياڪ مان کير سان گڏ گوشت به حاصل ٿئي ٿو. هن جانور کي هاري هر ڪاهڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا. ۽ اهو سواريءَ جو ڪم به ڏئي ٿو. ياڪ جي کل گرم ڪپڙن ۽ بوٽن ٺاهڻ جي ڪم ايندي آهي. ان جي سڱن مان موسيقيءَ جا ساز ٺاهيا ويندا آهن. ياڪ جو گوشت تازو يا سڪل به کاڌو ويندو آهي. هي جانور همالي ماڻهن لاءِ غنيمت آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهي هن کي ان وقت تائين نه کائيندا آهن جيستائين اهو زنده رهي سگهي ٿو ۽ ان کي گوشت لاءِ ذبح نه ڪندا آهن، جيستائين تمام ضعيف نه ٿي وڃي. ياڪ جي کير مان پنير ۽ مکڻ ٺاهيو ويندو آهي. ياڪ جي مکڻ ۽ لوڻ مان ٺهيل چانهه هر عمر جا ماڻهو استعمال ڪندا آهن. همالين جا گهر پٿر جا ٺهيل آهن، جن ۾ ڪجهه دريون به هونديون آهن، گهرن جون ڇتون سڌيون ۽ لسيون ٿينديون آهن. گهر ننڍا آهن پر ٻن يا ٽن منزلن تي مشتمل آهن، جن مان ٽين منزل گاهه ۽ کاڌي رکڻ جي استعمال ۾ ايندو آهي. گهڻو ڪري کاڌو ۽ ڪاٺ پهرين منزل تي جمع ٿيل هوندوآهي ۽ سياري جي مند ۾ مال بيهارڻ جي وٿاڻ طور استعمال ٿيندي آهي. ٻي منزل تي هڪ وڏو ڪمرو ٺهيل هوندو آهي جنهن ۾ ڪٽنب جا ڀاتي رهندا آهن. سردين ۾ سڀئي گهر جا ڀاتي باهه جي چوڌاري ويهن ٿا، جتي پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ کاڌو به اتي ئي پچائين ٿا. پر باهه سڄي ڪمري کي دونهين سان ڀري ڇڏي ٿي ڇاڪاڻ ته همالين جي گهرن ۾ منگهه ناهن ٿيندا. اها خبر ناهي ته همالين جي گهرن ۾ منگهه ڇو نه آهن. شايد اهي اڃا تائين آلودگيءَ جي نقصان کان اڻ ڄاڻ آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. {رسالو: سرتيون؛ جنوري 1994؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}