مواد ڏانھن هلو

ھرڻ چپڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هَرڻ چَپڙي: (انگريزي: Harann Chaprri plant )هي ٻوٽو ٿورو مٿاهين، وائکي ۽ نرم زمين ۾ ٿيندو آهي. اُن جي ڊيگهه ڏيڍ فوٽ کن ٿئي. اُن جا پن سنها ٻُوهه جهڙا ۽ رنگ جا ساوا ٿين. اُن جا گل نيراڻ تي مائل اڇيرا ٿيندا آهن. ان جون ڦريون اڌ گول وانگر چِپِٿريون ڪونڀٽ جي چَپڙن سان مشابهت رکندڙ ٿينديون آهن، جن جي اندر جدا جدا داڻا ٿيندا آهن. هي ٻوٽو اُٺ ۽ ٻڪري جام کائيندا آهن. هي ٻوٽو هرڻ جو خاص کاڌو آهي، جنهنڪري مٿس اهو نبالو پيو آهي. ڍڳيون، مينهون ۽ گڏهه به کائيندا آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو