ھرداس ڀڳت جو ميلو
ڏيک
هَرداس ڀڳت جو ميلو:(انگريزي: Hardas Bhagat's fair ) هي ميلو مٺي شهر ۾ اوڀر طرف دڙي تي سڀڪنهن سال چيٽي چنڊ تي لڳندو آهي، جو ٽي ڏينهن هلندو آهي. هتي ڀوت جو ”ڏيهرو“ ٺهيل آهي. هرداس ڀوت ذات جو پشڪرڻو برهمڻ اصل ڇاڇري جو ويٺل هو،. درويش صفت ۽ سنت هو. هن پيشنگوئي ڪئي هئي ته ترت ڇاڇري تي ڪا مصيبت اچڻي آهي، تنهنڪري پاڻ ۾ ڪي ماڻهو لڏي اچي مٺيءَ ۾ ويٺا. ترت ئي مدد خان پٺاڻ اچي ڇاڇري ۾ ڦرلٽ ڪئي. ڀڳت جا پويان اڄ تائين مٺيءَ ۾ رهن ٿا، جن کي به ڀڳت سڏبو آهي. اُنهن لاءِ ماڻهن ۾ اڄ تائين چڱي شرڌا آهي[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو