مواد ڏانھن هلو

ھدايت علي نجفي تارڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(ھدايت کان چوريل)

فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ وطن عزيز جي نامياري شاعرن ۾، فقير هدايت علي نجفي ”تارڪ“ ولد تراب علي تونيو جو نالو شامل آهي. خميس 25 محرم الحرام 1277ھ مطابق 23 اپريل 1860ع تي تعلقي واره جي ڳوٺ ”لالو راونڪ“ ۾ سندس ولادت ٿي. ابتدا کان ذهين ۽ ذڪي طبيعت جو مالڪ هو. عربي، فارسي، سنڌي، سرائيڪي، اردو، پنجابي ۽ هندي زبانون ڄاڻندو هو. نثر نويس به سٺو هو. شروعات ۾ ”نجفي“ تخلص هوس، پوءِ ”تارڪ“به اختيار ڪيائين. مڪمل ”ديوان“ کان سواءِ نثر ۽ نظم ۾ سندس ڪيترائي ڪتاب موجود آهن. هـُو صوفيانه مسلڪ رکندڙ هو. جوانيءَ ۾ مجازي عشق جي ڪڙي ۾ قيد ٿيو، جنهن جي ناڪاميءَ کيس هميشـہ هميشـہ لاءِ مجرد بڻائي ڇڏيو. تاريخ 18 محرم الحرام 1358ھ مطابق 1939ع تي راهه رباني ورتائين. ڳوٺ جي مسجد ۾ مدفون ٿيو. سندس شاگردن ۽ معتقدن جو حلقو وسيع هو. فقير صاحب پنجونجاه کان وڌيڪ تصنيفات ڇڏيون آهن. خوشنويس هجڻ ڪري، چار قرآن پاڪ به ڪتابت ڪيائين. نوشهروفيروز جي نقشبندي بزرگ، ميان صفي الله جو مريد هو. وٽس وڏو ڪتبخانو جمع ٿيل هو، جنهن ۾ سوين قلمي نسخا شامل هئا. افسوس جو سندس پوين ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ سمورو ڪتبخانو ضايع ٿي ويو. [1]

حوالا

[سنواريو]
  1. لاڙڪاڻي ضلعي جا ڪتبخانا-- ميمڻ عبدالغفور سنڌي ؛ رسالو:مهراڻ؛ 1984جلد 33 ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ