مواد ڏانھن هلو

ھاڏو اکراڙ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هاڏو اُکِراڙ هي ٻوٽو سنئين، پر ڪجهه نرم زمين ۾ فوٽ کن ڊگهو ٿئي. اُن جا پن ڊگهيرا ۽ چهنبدار ٿين. منجهنس ڏيڍ انچ کن ڦريون. ٿينديون آهن. جي چهنبدار هونديون آهن، جن اندر ننڍا ڪارا داڻا ٿيندا آهن. وسڪاري جو اُڀري. ٻڪريون، رڍون، ڇيلا ۽ اُٺ کائيندا آهن. ڪانءُ پکي هن جون ڦريون ڀَڃي داڻا ڪڍي کائيندو آهي، جنهنڪري مٿس ”هاڏي جي اُکراڙ“ نالو پيو آهي. ٿري ماڻهو ڪانءُ کي ”هاڏو“ چوندا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) مصنف: رائچند هريجن ايڊيشن؛ ٽيون؛ سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ