ھانز ڪرسچن اينڊرسن
هانس ڪرسچين اينڊرسن (انگريزي: Hans Christian Andersen؛ ڊينش: [ˈhænˀs ˈkʰʁestjæn ˈɑnɐsn̩]؛ 2 اپريل 1805 – 4 آگسٽ 1875) ڊينمارڪ جو هڪ مشھور ليکڪ هو، جيڪو خاص طور تي پنهنجي ادبي پري ڪهاڻين (fairy tales) لاءِ سڃاتو وڃي ٿو.[1] هن ڊراما، سفرناما، ناول ۽ شاعري پڻ لکي، پر سندس شھرت جو وڏو سبب سندس ٻارن ۽ بالغن لاءِ لکيل پري ڪھاڻيون آهن.[2]
ادبي ڪم
[سنواريو]اينڊرسن جي پري ڪھاڻين جو مجموعو 156 ڪھاڻين تي مشتمل آهي، جيڪي نو جلدن ۾ شايع ٿيون ۽ 125 کان وڌيڪ ٻولين ۾ ترجمو ڪيون ويون آهن.[3] انهن ڪھاڻين مغربي ادبي ثقافت تي گھرو اثر ڇڏيو آهي ۽ ٻارن لاءِ آسان هجڻ سان گڏ بالغ پڙهندڙن لاءِ اخلاقي سبق ۽ مشڪلاتن ۾ همت جو پيغام پڻ ڏين ٿيون.[4]
مشھور پرين جو ڪھاڻيون
[سنواريو]اينڊرسن جون ڪجهہ مشھور ڪھاڻيون هي آهن:
- بادشاھ جا نوان ڪپڙا (The Emperor's New Clothes)
- ننڍڙي جل پري (The Little Mermaid)
- بلبل (The Nightingale)
- مضبوط ٽين سپاهي (The Steadfast Tin Soldier)
- ڳاڙها جوتا (The Red Shoes)
- شھزادي ۽ مٽر (The Princess and the Pea)
- برفاني راڻي (The Snow Queen)
- بدصورت بدڪو (The Ugly Duckling)
- ننڍڙي ماچيس وڪڻندڙ ڇوڪري (The Little Match Girl)
- ٿمبلينا (Thumbelina)
اثر ۽ ورثو
[سنواريو]اينڊرسن جون ڪھاڻيون عالمي سطح تي مشھور ٿيون ۽ انهن تان بيلٽ، ٿيٽر، متحرڪ فلم ۽ لائيو ايڪشن فلمن سميت ڪيترائي فنڪارانہ ڪم تيار ڪيا ويا.[5] هن کي جديد ٻارن جي ادب جي اهم شخصيتن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو.