ھاسارام سندرداس پمناڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پروفيسر ھاسارام سندرداس پمناڻي(انگريزي: Professor Hasaram Sunderdas Pamnani ) 10 اپريل 1839ع ۾ روهڙي شهر ۾ پيدا ٿيو، سندس والد، سيٺ سندرداس، جاين ٺهرائڻ جو مشهور مقاطعدار هوندو هو. پاڻ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم روهڙيءَ جي شهر ۾ ورتائين، ۽ 1906ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪري، اعليٰ تعليم لاءِ وڃي بڙودي جي ڪاليج ۾ داخل ٿيو، جتي کيس شري اروندو گهوش جي شاگرد ٿي رهڻ جو شرف حاصل ٿيو. انهيءَ سال گهوش صاحب، بنگال جي ورهاڱي ڪري، نوڪري ڇڏي وڃي حڪومت جي خلاف هلچل ۾ شريڪ ٿيو.[1] هاسارام پهريون سال اتي پڙهي، پوءِ فرگوسن ڪاليج پوني ۾ پڙهڻ ويٺو، جتان فلاسافيءَ ۾ بي. اي. پاس ڪيائين، اتي پرنسپال پرانچپي، راجوادي، پروفيسر ڪاري ۽ گنگاڌر تلڪ سان ملاقات ۽ واقفيت ٿيس. انهيءَ زماني ۾ ديوان ڏيارام گدو مل شهاڻي، حيدرآباد وارو، سورت ۾ جج هو، جنهن سان به واقفيت ٿيس. جا آخر تائين هلندي آيس. ڪاليج جي زماني ۾ 1908ع ڌاري، لاڙڪاڻي جي سوامي ڌرمداس سان هاسارام جي واقفيت ٿي، جنهن کان گـُـر منتر وٺي، سندس شيوا ڪندو رهيو- پاڻيءَ جي دلن ڀرڻ، ٻهاري پائڻ ۽ ٻي خدمت ڪرڻ ۾ هن عار نه ڄاتو. امتحان پاس ڪري موٽي اچڻ کانپو”، روهڙيءَ ۾ پنهنجي گروءَ جي نالي تي "سوامي ڌرمداس شيوا منڊلي" کوليائين، جنهن جون شاخون اُٻاوڙي، شڪارپور، ٽنڊي محمد خان، جيڪب آباد ۽ ٻين ڳوٺن ۾ قائم ڪيائين. شام جو روزاني پاڻ منڊليءَ ۾ ست سنگت ڪندو هو، ۽ ان جي وسيلي ماڻهن تائين گروءَ جو پيغام پهچائيندو هو. 1917ع ۾ "ست سنگت ولاس" پرچو جاري ڪيائين، ۽ 1919ع ۾ "ڌرم درشن" رسالو ڪڍيائين، جنهن ۾ ڌرمي سکيا بابت آکاڻيون ۽ مضمون ڇپيا هئا. مختلف ڌرم- شاسترون، جهڙوڪ ويچار مالا، سارڪتاولي، ۽ ٻين ڪتابن جا ترجما رسالي ۾ شايع ڪيا ويندا هئا، ۽ سڀني مذهبن جا مکيه متا به ڏنا ويندا هئا، جنهن لاءِ ڪراچيءَ جي "سنڌ اَبزرور" اخبار هڪ دفعي لکيو هو ته "هي رسالو سون ۾ تورڻ جهڙو آهي." جهڙوڪ "من جينتي"، "جڳت جيت"، "سري رامچندر"، "گيان مالا"، "استوهريهر"، "سارڪتاولي" جا سنڌيءَ ۾ ترجما، "سک جي چاهه"، "موڪشن ڀنڊار"، "اڇوت اڌارا"، "خدا ڏي موٽ." وغيره..[1] بي. اي اپس ڪرڻ کانپو”، ڪجهه وقت هاسارام روينيو کاتي ۾ ملازم هو، جتان نوڪري ڇڏي، تعليم کاتي ۾ گهڙيو. آهستي آهستي ترقي ڪري، حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج جو هيڊ ماستر ٿيو. 1921ع ۾، "قطع تعلقات" واريءَ هلچل جي ڪري، نوڪري ڇڏي وڃي تحريڪ ۾ شامل ٿيو. سماجي ڪم ڪندي، روهڙيءَ ۾، تلڪ قومي هاءِ اسڪول ۽ تلڪ کاڌي فئڪٽري کوليائين، ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ ڪانگريس جو سنهيو پهچائيندو رهيو. 1930ع ۾، لوڻ جي قاعدي ٽوڙڻ ڪري، کيس ٻارهن مهينا سزا ملي. وري 1932ع ۾، سکر براج کلڻ وقت وائسراءِ هند جي سکر ۾ اچڻ جي موقعي تي، کيس نظربند ڪيو ويو، جتان پندرهن ڏينهن کانپوءِ آزاد ٿيو..[1] 1927ع ۽ 1931ع وارين ٻوڏن ڀيري، هن صاحب ماڻهن جي سهائتا لاءِ گهڻو ڪم ڪيو.[1]. پروفيسر هاسارام جو تعليم سان ڏاڍو چاهه هو. اوٻاوڙي جي اڪيڊمي، ڏهرڪيءَ جي زناني اسڪول، ڳڙهي ياسين جي سناتن ڌرم اسڪول، ۽ جيڪب آباد جي والميڪ پاٺشالا جو هڪ ئي وقت تي مئنيجر تي ڪم ڪندو رهيو. روهڙيءَ جي شيوا منڊليءَ ۾ ڪم ڪندي، 1923ع ۾، ڀائي ڏيئو مل کان مليل پندرهن هزار روپين جي رقم سان، ان جي نالي تي سدا ورٿ قائم ڪيائين.[1]. سنڌ جدا ٿيڻ بعد، 1937ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبليءَ جون چونڊون ٿيون، ته هاسا رام روهڙي سب ڊويزن مان، سخت مخالفت جي باوجود ڪانگريس جي ٽڪيٽ تي سنڌ اسيمبليءَ تي ميمبر چونڊجي آيو. اسيمبليءَ ۾ چونڊجڻ بعد، هندو- مسلم فرق بنا، پنهنجي تڪ جي ماڻهن جي چڱي خدمت ڪيائين.

موت[سنواريو]

سال 1939ع ۾، سکر ۾ منزلگاهه جي سوال تان هندو- مسلم ڇڪتاڻ پيدا ٿي، ۽ ان وقت ڀڳت ڪنور رام جي قتل جو واقعو ٿيو. هاسارام ان بابت سنڌ اسيمبليءَ ۾ سوال پيش ڪيو، ۽ سخت تقرير ڪئي. ان تان کيس ڌمڪيون ملڻ لڳيون. نيٺ، 17 جولاءِ 1940ع تي، جيئن هو ميرپور ماٿيلي کان موٽندي، روهڙي اسٽيشن تي لهي ڳوٺ وڃي رهيو هو، ته رستي تي ڏينهن ڏٺي کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو..[1] چوڻ ۾ اچي ٿو ته سندس قتل به انهيءَ ساڳئي ماڻهوءَ ڪيو، جنهن ڪجهه مهينا اڳ ڀڳت ڪنور رام جو قتل ڪيو هو. ٻئي ڏينهن، 18 جولاءِ 1940ع تي، سندس ارٿي کنئي ويئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا. ساڳئي ڏينهن شام جو، سندس سوڳ ۾ عام جلسو به ڪيو ويو. ان وقت سندس عمر ٻاونجاهه سال هئي.[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 جنب گذاريم جن سين ، ڀاڱو ٻيون؛ ليکڪ: سائين جي ايم سيد؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، ڇاپو ٽيون 2005