ھارون بن ابي خالد مروزي
ڏيک
متوڪل (232- 247ھ)، هارون بن ابي خالد مروزيءَ کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ ۾ حجازي طاقتور ٿي چڪا هئا. سندن سردار، عمر بن عبدالعزيز هباري، ڪافي اقتدار حاصل ڪري چڪو هو. هن هارون کي قتل ڪرائي، خليفي متوڪل جي خدمت ۾ درخواست موڪلي ته هارون ۾ انتظام جي قابليت ڪا نه هئي” جيڪڏهن سنڌ جي ولايت جي سند کيس عطا ڪئي وڃي ته هو ڪامل وفاداريءَ سان حڪومت سنڀاليندو. متوڪل کي چوڌاري بغاوتون ويڙهي وييون هيون، انهيءَ ڪري هن هباريءَ جي درخواست کي غنيمت سمجهيو.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع