مواد ڏانھن هلو

ڳوٺ گامن سندراڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گامڻ سندراڻي ڳوٺ ديهه ٻاڙي به قديمي ٻڌل آهي، هن ۾ تمام پراڻي زماني جا قبا به ٺهيل آهن، انگريزن کان اڳ جو ڳوٺ آهي، گلاب خان سندراڻي بگٽي قوم مان هو، شايد کيس خان قلات کان اها ايراضي مليل هئي جو سندس وفات کانپوءِ سندس قبر تي قبو ٺهرايل آهي، قبو تمام قديمي پيو نظر اچي، جديد زماني ۾ به قبرن تي وڏو سائبان ٺهيل هو، تازو وهابيت جي لهر اچڻ سبب ڳوٺ جي وڏي اهو سائبان پٽائي لوهه گارڊر ۽ سرن سان پنهنجي اوطاق ٺهرائي ڇڏي، زماني گذرڻ بعد به گامڻ ڳوٺ جو قبو تمام پري کان نظارو ڏيندو رهي ٿو، صدر ايوب خان جي دور حڪومت ۾ بگٽين جي تخريب ڪارين سبب گامڻ ڳوٺ وارن تي به سختي ٿي پر وقت جي ڪمشنر جو مون تي اعتبار هو مون کيس ٻڌايو ته هي سندراڻي بگٽين کان الڳ آهن هي هتان جا اشراف زميندار آهن نه هم پيشه نه هم آواز آهن، سو هنن تعلقه ٺل جي سندراڻين تي سختي نه ڪئي هئي، ڪمشنر صاحب منهنجي ڳالهه مڃي هنن غريبن تان ڏولاوا لهي ويا، هي بگٽي ڪنهن زماني ۾ وڏا زميندار هيا، هينئر اولاد جي گهڻائي سبب ڏاڍا ڏکيا آهن، ويتر سم جي ڪري سندن زمينون آباديون ڏيڻ کان جواب ڏيون بيٺيون آهن، وقت تي وٽن پاڻي به ڪو نه ٿو پهچي، سو زمينون بيڪار ٿي ويون اٿن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو