ڳوٺ درگاھي جکراڻي
درگاهي جکراڻي جو ڳوٺ ڊسمبر 1946ع ۾ جيڪا صوبائي اليڪشن ٿي هئي تنهن ۾ اسان جي پتي جي پولنگ اسٽيشن درگاهي ڳوٺ ۾ ٿي هئي، اسان ڳوٺان بيل گاڏي تي رات جو روانا ٿيا سون ۽ ڏينهن جو پهچي ووٽ ڏنوسون، اها اليڪشن مشهور هئي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان فقط هن تڪ تان مسلم ليگ هارايو هو، وڏيرو درگاهي خان جکراڻي منهنجي والد جو دوست هو، هو ڀلين گهوڙين جو شوق رکندڙ هو، هڪ اڌي گهوڙي والد صاحب سان به شريڪ هيس، ان زماني ساريال پوک فقط درگاهي خان وٽ ٿيندي هئي، پاڻي جو دارومدار درياءِ جي لاهه چاڙهه تي هوندو هو، درگاهي خان جون زمينون شاهي واهه جي ڪڇ ۾ هيون ۽ تمام هيٺانهين ۾ هيون، سو ساريون پچي وينديون هيون، ان طرح کٽارا قسم جون بسون هلنديون آهن، جيڪي رات جو درگاهي ڳوٺ ۾ بيهنديون آهن، سوارين جي سهولت سان گڏ لچ، لنب قسم جا ماڻهو به انهن تي چڙهي واٽ تي ڪا واردات ڪري وري ٻي ورندڙ بس تي چڙهي واپس ٿي شاهي واهه ٽپي ويندا آهن، سنڌ جي پوليس کي مجال ناهي جو شاهي واهه ٽپي بلوچستان حد ۾ وڃي سگهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو