مواد ڏانھن هلو

ڳوٺ خدابخش لغاري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳوٺ خدا بخش لغاري: انڙ واهه ريلوي اسٽيشن ڀرسان خدا بخش خان جو ڳوٺ انگريزن کان اڳ جو آهي، منهنجي ڏاڏي جا ڪڙيال فال راڄ واهه تان ٻنهي پاسي انهيءَ ڳوٺ وٽان نڪتل هيا، خدا بخش خان ۽ واحد بخش خان ڏاڏي جا پاڙيسري دوست هيا، خدا بخش خان پٽ هيئبت خان وڏو هوشيار ۽ ڄاڻو ماڻهو هو، تنهن پنهنجا ٻار پڙهايا ان وقت ڳوٺ ۾ مسلم اسڪول هو، جنهن ۾ قابل استاد هيا، جن شاگردن کي پڙهائي پختو ڪيو، هيئبت خان کانپوءِ سندس پٽ خدا بخش خان وڏو محنتي آهي، هن سموري خاندان کي تعليم يافته بڻايو، هينئر ڳوٺ جا سمورا ماڻهو عورت خواهه مرد سڀ پڙهيل ۽نوڪرين ۾ آهن،مون پنهنجي چيئرميني واري دور ۾ هن ڳوٺ کي ڪافي مدد ڪئي، هاءِ اسڪول تائين کولائي ڏنم، انهيءَ هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن مان فقط منهنجا ٻه ڇوڪرا ناپاس ڪرايائون، زمانو ائين چوي ٿو ۽ ائين سکاري ٿو ته نيڪي جو صلو نه ملڻو هوندو آهي، ڪم از ڪم انسان مان اها اميد اجائي آهي. گُل نؤ اميد کو کيا خبر چوهلاکتين جو قباحتين دل ناتوان پر گذر گئين خزان سي فصل بهار تک وقت جون پچارون وسرنديون ڪو نه آهن، ڪڏهن نه ڪڏهن اهي داستان ماضي دهرائجي ويندا آهن.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. نئين ٺل جا پراڻا گل؛از: نظام الدين کوسو؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو