ڳنڍير
ڳَنڍير:(انگريزي: Gandheer) هي ڏاڍي زمين ۾ ٿئي، جنهن ڪري ڏهرن ۾ جام هوندو آهي. ڀٽن، دڙن ۽ وارياسي زمين ۾ ڪونه اُڀري. هن گاهه جي تندن جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ڳنڍين ڳنڍيون ٿينديون آهن، جي زمين تي لڳي اُڀرنديون آهن ۽ مٿان سنگ ڪڍنديون آهن، جو ڦاڪن سان جهيرڻي جهڙو ٿيندو آهي. اهڙيءَ طرح تندون ٿي چوڌاري زمين تي اُڀرندو پکڙجندو ويندو آهي. تندون سنهيون، مضبوط ۽ سائي رنگ جون ٿينديون آهن. سڪڻ بعد پيلو ڏسبو آهي. هي گاهه ڍڳيون ۽ مينهون خوب کائينديون آهن. ٿر ۾ هن کي ”گَنٺِيو“ چوندا آهن. هي گاهه پوک لاءِ نقصانڪار آهي. ڏهر جي ٻنيءَ ۾ جي گنٺيو هوندو ته آبادي نه ٿيندي. جي هڪ دفعو هن جو ٻوٽولڳي ويو ته وري جلدي ناس به نه ٿيندو آهي. هاري ڇا ڪندا آهن جو اونهاري جو جڏهين سڪي ويندو آهي، تڏهين پهريائين باهه ڏيئي مٿيون حصو ساڙيندا آهن، پوءِ ڪوڏر سان کوٽي پاڙان ڪڍبو آهي ۽ وري ٻني پوکڻ مهل ٻه - ٽي دفعا هر ڏيئي بنياد ئي پٽي پوءِ آبادي ڪندا آهن[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو