ڳڙھي جاگير
ڏيک
(ڳاڙھي جاگير کان چوريل)
ڳاڙھي جاگير (وارھ) ديھ ڳاڙھي جاگير | |
---|---|
ديھ | |
Deh Garhi Jagir | |
سنڌ ۽ پاڪستان ۾ مقام | |
جاگرافي بيهڪ: 27°30′10″N 67°41′43″E / 27.50278°N 67.69528°E | |
ملڪ | پاڪستان |
صوبو | سنڌ |
ضلعو | قمبر شهدادڪوٽ ضلعو |
تعلقو | وارھ تعلقو |
آبادي (2017)[1] | |
• ڪل | 1,921 |
ديھ ڳاڙھي جاگير(انگريزي: Deh Garhi Jagir) سنڌ جي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي وارھ تعلقي جي ھڪ ديھ جو نالو آهي جيڪا حامد واھ تپي ۾ واقع آهي.
تاريخ
[سنواريو]بورڊ آف روينيو سنڌ جي رڪارڊ ۾ موجود 1916 کان 1961ع تائين واري دؤر جي ھن ديھ جي نقشي مطابق ھن ديھ ۾ رڳو ھڪ ڳوٺ عالم خان چانڊيو واقع ھيو. ھاڻي ھن ديھ جا معروف ڳوٺن ۾ ڳوٺ ملا عبدالڪريم، ڳوٺ شاھ محمد چانڊيو ۽ ڳوٺ مور مارفاڻي شامل آهن جيڪي ننڍڙا ۽ گھٽ آبادي وارا آھن.
جاگرافي
[سنواريو]ھن ديھ جي اتر ۾ قمبر تعلقي جي ديھ ڪاروھار جاگير، اوڀر ۾ ديھ گل ٻرڙو ۽ ديھ حامد واھ، اولھ ۾ ديھ مرزاپور جاگير ۽ ڏکڻ ۾ ديھ چندني جاگير واقع آهن. ھن ديھ جي مڪمل روينيو سروي ٿيل آھي. ڪنور شاخ ھن ديھ ۾ وھندڙ آھي. دوست علي روڊ پڻ اتان گذرندڙ آھي.
آبادي
[سنواريو]2017 جي آدمشماري مطابق ھن ديھ جي ڳوٺن جي ڪل آبادي 1,921 ھئي جيڪا 299 خاندانن تي مشتمل ھئي.[1].