ڳاڙهہ-پُٺي ڦوسڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳاڙهہ-پُٺي ڦوسڻي (انگريزي:Brown Hill Warbler or Striated Prinia) (سائنسي نالو:Prinia Cringer) ھڪ پکي آھي. 17 سينٽي ميٽر قد بت واري هن پکيءَ جا نر ماد هڪجھڙا ٿين ٿا، رنگ ڳاڙهسرو گھرو ناسي، پٺان ۽ مٿي تي گھرا لينگها، پيٽ اڇو، پڇ تمام ڊگهو ۽ سنهو، چنھب ڪاري ٽنگون هيڊيون هونديون اٿس، ٽاڪرو ميدانن ۾ مڪئي جي لاوارث فصلن تي ٻوليندي آهي پر ان جي ٻولي ڪا خاص دلچسپ نہ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: سنڌ جي جهنگلي جيوت، ص 77، ليکڪ بدر ابڙو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدآباد، جون 2009ع.