مواد ڏانھن هلو

ڳالھيون آھن ڳچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڳالهيون آهن ڳچ هي ڪتاب 1989ع ۾ ڇپيو، ڪتاب ۾ ٽوٽل 168 صفحا آهن، ڪتاب جو مهاڳ شبنم موتي سنڌي ۾ ۽ پروفيسر امينا خميساڻي انگريزي ۾ لکيو آهي، مهاڳ ۾ شبنم موتي لکي ٿي ته الطاف شيخ سنڌ جو ابن بطوطه آهي.”پروفيسر امينا خميساڻي لکي ٿي ته:

He mentions in details the people, their colour and their complexion, the colour and texture of their hair their may of life, their historical political, social and economic back ground, their educational and other institutions, their language with which he geten seems to be familiar, their habits, food, manners, customs and ceremonies.

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ملائيشيا جي تاريخ، ثقافت، سياست ۽ سماجي ارتقا جهڙن موضوعن تي آهي، هو لکي ٿو: سئو سال اڳ هن ملڪ جي آدم شماري اٺ لک به ڪا مس هئي، ۽ بقول ڪنهن مسافر جي ملايا جي نه تاريخ پرائي آهي ۽ نه تهذيب ۽ نه وري ڪو ادبي خزانو، هن ملڪ ۾ نه ڪي وڏيون لڙايون هليون ۽ نه وري ڪي منجهس پراڻين عمارتن جا متاثر ڪندڙ کنڊر آهن، گڏيل هندستان کان ملئي دل کولي مذهب، آرٽ، ادب ۽ رسم رواج جهڙيون شيون هٿ ڪيون، انڊين کان علاوه چيني تهذيب جو پڻ هتي اونهو اثر آهي، کاڌي پيتي کان وٺي عمارت سازي ۽ ويس وڳي تائين.دنيا جو سڀ کان گهڻو رٻڙ، پام آئل، ٽين ۽ ناريل هتان نڪرڻ لڳو ، 1875ع ۾ جيمس گٿري ڊئوڊسن Guthrie daridson سيلنگور رياست جو پهريون برٽس ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو، 1880ع ۾ نئون انگريز ريزيڊنٽ ڪيپٽن بلوم فيلڊ ڊگلس Bloomfild Douglasرياست جي گاديءَ جو هنڌ ڪلانگ شهر مان کڻائي ڪولالمپور ۾ آندو.

1883ع ۾ملايا مان ايترو ته گهڻو ٽين نڪرڻ لڳو جو ٽين کان هي ملڪ دنيا جو پهريون نمبر ملڪ مڃڻ ۾ آيو نه ته ان کان اڳ ڇهه سئو سالن تائين اها حيثيت فقط انگلينڊ کي حاصل هئي.1886ع ڪلانگ ۽ ڪولالمپور جي وچ ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي ۽ هڪ پراڻي انجڻ ليڊي ڪلارڪ جي نالي سان 50 ڪلوميٽرن جي رفتار سان هلائي افتتاح ڪيو ويو.

1909ع شهرين ۽ سلطانن جي هڪ فيڊرل ڪائونسل ٺاهئي وئي، جنهن مان اڳتي هلي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ هاڻوڪي پارليامينٽ پيدا ٿي.1946ع ۾ يونائيٽيڊ ملئي نيشنل آرگنائيزيشن”Umno “ جي تحريڪ هيٺ هو گڏ ٿيا، 1948ع عمنو پارٽي جي همت سان ملايا فيڊريشن ٺاهي وئي، جنهن ”ملئي سلطان “ کي حڪومت جا اختيار ڏنا، ملئي ماڻهن کي خاص شهري حيثيت ۽ باقي پوءِ جي آيل غير ملئي ماڻهن کي محدود شهريت جا حق ڏنا، 1957ع ۾ ملايا کي ”مرديڪا“ آزادي ملي، تنڪو عبدالرحمان، ملڪ جو پهريون وزيراعظم بڻيو، 1963ع ملائيشيا نالي نئين ملڪ جنم ورتو، جنهن ۾ ملايا، سنگارپور، سراواڪ ۽ صباح اچي ويو ٿي، گادي جو هنڌ ڪولالمپور ئي رهيو، 1965ع ۾ سنگاپور کي ملائيشيا کان ڌار ڪيو ويو، 1974ع ڪولالمپور شهر کي باقي سيلنگور رياست کان ڌار رکي کيس فيڊرل علائقو قرار ڏنو ويو.ملئي زبان ۾ مسٽر يا جناب لاءِ انچڪEnick شادي شده عورت لاءِ پئانPuan ۽ڪنواري ڇوڪري لاءِ چڪCik لفظ استعمال ٿئي ٿو، الله يا رحم ملئي زبان ۾ شهيد کي چوندا آهن.

مغرب جي ماڻهن کي جن نالن سان سڏيو وڃي ٿو، ان ۾ سڀ کان گهڻو مشهور Orang-Putih)) اورانگ ماڻهو ۽ پوتيح معني سفيد ، اڇو يا گورو آفريڪا يا آمريڪا جي شيدين کيGagak سڏيو وڃي ٿو. ملائيشيا دنيا ۾ هڪ واحد ملڪ آهي، جنهن جو بادشاهه هر پنجن سالن بعد بدلجندو رهي ٿو، ملائيشيا جي تيرهن رياستن مان نون ۾ سلطاني راڄ آهي. 1957ع کان پوءِ انهن نون رياستن جا سلطان پنهنجو پاڻ ۾ ويهي واري وٽيءَ تي هڪ کي چونڊيندا آهن، جيڪو سڄي ملڪ جو پنجن سالن لاءِ بادشاهه ٿيندو آهي.ملائيشيا مان انگريزي، ملئي، چيني، تامل، مليالم ۽ پنجابي ٻولين ۾ اخبارون نڪرنديون آهن، ملئي توڙي چيني ماڻهو ٻار ڄمڻ تي هڪدم ڪنهن ميوي جو وڻ پنهنجي گهر اڳيان پوکيندا آهن، ملائيشيا ۾ ناريل لاهڻ جو ڪم ڀولڙاڪندا آهن.

چينين جو نئون سال چنڊ مطابق جنوري ۽ فيبروري جي وچ ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ هر سال ٻارهن مختلف جانورن مان هڪ جي نالي سان سڏجي ٿو.چيني پنهنجو نئون سال وڏي ڌام ڌوم سان ملهائين، ڪٿي ڪٿي ته ڪرسمس، عيد يا ڏياريءَ جي ڏينهن کان به گوءِ کڻيو وڃن.

ملائيشيا جو جيتوڻيڪ مذهب اسلام آهي، پر سندس ذري گهٽ اڌ آدمشماري چيني ماڻهن جي آهي، چينين جو شايد شينهن وارو سال سٺ سالن ۾ هڪ دفعو ڇوڪرين لاءِ نڀاڳو سمجهيو ويندو آهي، ان سال ۾ ڄايل ڌيئون ڪيترائي چيني پاڻ وٽ نه رکن ۽ بدبختيءَ کان بچڻ لاءِ پهرين ئي هفتي کين گهر کان ٻاهر ڪڍيو ڇڏين، پوءِ کانئن ملئي مسلمان اهي نياڻيون وٺي نپائين ۽ اهي قانوني طرح پڻ مسلمانن جو اولاد سڏجن، سندن نالو مذهب ۽ پيءَ جي ملڪيت ۾ اوترو ئي حصو رهي، جيترو اسلامي طرح رکيو ويو آهي، ملائيشيا ۾ تعويز ۽ ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ کي بوموBomuh سڏيندا آهن،ملئيل لفظ ڪانگ ڪانگ Kong Kong جي معنيٰ آهي ٽنگون ڦاڙي بيهڻ، ڀت کي ناسي Nasi چون.صدين کان هلندڙ رواج موجب ملاڪا رياست ۾ شاديءَ بعد ڪنوار گهوٽ جي گهر نه ويندي آهي پر گهوٽ ٽپڙ کڻي اچي ڪنوار جي گهر رهندو آهي.

چيني قبر کي عورت جي پيٽ وانگر ان ڪري ٺاهين ٿا جو هنن جو اهو فلسفو آهي ته هر هڪ ماءُ جي پيٽ ۾ ڄمي ٿو ۽ مرڻ بعد ان کي اهڙي ئي پيٽ ۾ وڃڻ کپي.ملائيشيا جي قومي چڙيا گهر جو نالو زورنگاراZoonagara آهي، ملئي لفظ نگارا جي معني آهي ملڪ يا ملڪي قومي وغيره ملئي زبان ۾ رستي يا روڊ کي جلاناJalana سڏجي ٿو، طرف يا رخ يا پاسي کي هالا سڏيندا آهن. ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر جي گهٽي گهٽي ۾ ڪمند جي رس Air Tube وارو ضرور ملندو، پينانگ واري پل ساڍا تيرهن ڪلوميٽر ڊگهي پل ايشيا جي سڀ کان وڏي پل آهي ۽ هيءَ پل دنيا جي ٽيون نمبر وڏي پل آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. الطاف شيخ جي سفرنامن جو جائزو؛ مھر خادم؛مھراڻ رسالو؛1992؛جلد،45؛سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو