مواد ڏانھن هلو

گھڙولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گھڙولي شاعريءَ ۾ عورت جي زباني محبوب جي خدمت جو جذبو ظاهر ڪيل ۽ آزي ۽ نيزاري ڏيکاريل هوندي آهي. هن شعري صنف ۾ خدمت جي اظهار لاءِ وراڻي۾ ”گهڙولي ڀرڻ“ لفظ ضرور ايندو آهي. انهيءَ ڪري اهو نالو پيو اٿس. سنڌي ادب ۾ پهرين گهڙولي حضرت سچل سرمست جي ملي آهي، جيڪا سرائڪيءَ ۾ آهي. ان کان پوءِ، ڪيترن شاعرن سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ گهڙوليون چيون آهن. فني سـِـٽا جي لحاظ کان ڪي گهڙوليون بيتن ۾، تہ ڪي وري بندن تي مشتمل هونديون آهن. سچل سرمست جي گهڙولي ننڍن بندن تي ٻڌل آهي، جنهن جي هر بند ۾ ٻہ ننڍيون مصرعون آهن، جيڪي پاڻ ۾ هم قافيه آهن. انهن جي پويان وراڻي اچي ٿي. مئن تان گهڙولي ڀرِندي هان پير پيران، حضرت ميران، نام ڳڌي جنهن ٽٽن زنجيران، ڪامل مرشد ڪردي هانآ مئن تان گهڙولي.... (سچل)[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.