مواد ڏانھن هلو

گھينٽيا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گهِينٽِيا:(انگريزي: Gheentiya ) هي گاهه سخت زمين ۽ پاڻيءَ وارن هنڌن، تراين، ٽوڀن ۽ پاڻيءَ جي دُٻن وارن هنڌن تي ٿيندو آهي. هي چيِهي جي دفعي مان آهي، پر اُن جا پن چيهي کان سنها ٿيندا آهن. هن جي پاڙ ۾ ٿورو زمين اندر ننڍي ناسي رنگ جي کوپي سان ڳنڍ ٿيندي آهي، جنهن جي اندر اڇي رنگ جي ڳڀ جو ڳوڙهو ٿيندو آهي، جو ننڍا ٻار کائيندا آهن، برسات پوڻ بعد هفتي اندر هي گاهه ٿي پوندو آهي. ننڍا ٻار پاڙون کوٽي اهي ڳنڍيون ڪڍي مزي سان کائيندا آهن. ان کي رڍون، ٻڪريون ۽ ڇيلا جام کائيندا آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو