گھوٽڪي ريل حادثو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گھوٽڪي ريل حادثو
تاريخ 13 جُولاءِ 2005
وقت صبح جو 3:40 منٽ
جڳهه گھوٽڪي
ملڪ پاڪستان
ريل پٽڙي ڪراچي کان راولپنڊي
هلائيندڙ پاڪستان ريلوي
حادثي جو قسم ٽڪر
سبب غلط سيٽ ڪيل پوائنٽ
انگ اکر
ريل 3
فوتگيون 109
زخمي 100

گھوٽڪي ريل حادثو (انگريزي: Ghotki rail crash)، [1] جُولاءِ 13، 2005ع تي، صبح جو 3:40 منٽن تي گھوٽڪي جي ويجهو سرهند ٽائون ويجهو پيش آيو. ڪوئيٽا ايڪسپريس، بريڪ جي خرابي سبب سرهند ريلوي اسٽيشن تي بيٺل هئي ته پويان ايندڙ ڪراچي ايڪسپريس کيس ٽڪر هنيو. شروع ۾ ڪراچي ايڪسپريس جي ڊرائيور کي قصور وار سمجهيو ويو، پر بعد جي رپورٽ موجب سگنل ۾ خرابي هئي، جنهن سبب ڪراچي ايڪسپريس کي ڪوئيٽا ايڪسپريس بابت نه ٻڌايو ويو.[2] ٽڪر کان پوءِ ريل جا گاڏا تيزگام نالي ٽئين ريل سان ٽڪرائجي ويا، جنهن سبب ٽوٽل 17 گاڏن کي نقصان پهتو، جنهن ۾ ٽي هزار مسافر سوار هئي. حادثي جي وقت سرهند ريلوي اسٽيشن جو سڄو عملو ڀڄي ويو.

جيتوڻڪ حادثي ۾ فوت ٿيلن جي اصل تعداد جو پتو نه پئجي سگھيو، پر اندازو لڳايو ويو ته 500 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا، پر آخري رپورٽ ۾ اهو انگ 109 ڏيکاريو ويو.

حوالا[سنواريو]

  1. وڪيپيڊيا واپرائيندڙ، «Ghotki rail crash»، کليل ڄاڻ چيڪلو انگریزي وڪيپيڊيا ۔
  2. "News. Pakistan Railways Train crashes". 

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

مڪانيت: 28°02′13″N 69°25′02″E / 28.03694°N 69.41722°E / 28.03694; 69.41722