مواد ڏانھن هلو

گھامون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گهامُون:(انگريزي: Ghamoon plant) هي ٻوٽو ڪِرڙن، ڄارين، ڦوڳن، ڪونڀٽن، مُرٽن، موراڙين، ٻنين جي لوڙهن، ڍنگهرن وغيره جي اوٽ يا وچ ۾ اُڀرندو آهي، ان کي گَنڀَلَ به چون. هي تمام تڪڙو وڌندو آهي. هن جون تيليون ڪانهن وانگر ڳُرين سان ٿينديون آهن، پر ڪنهن کان سنهيون آهن. هرهڪ ڳُريءَ وٽان پن ٿيندو آهي جنهن جو ڪجهه حصو تيليءَ تي ويڙهيل هوندو آهي، باقي جدا ٿيندو آهي، جو ڪجهه ويڪرو ۽ ڊگهو ٿيندو آهي. هن جون تيليون ڊگهيون ستن – اٺن فوٽن تائين ٿين. هرهڪ تيليءَ جي ڇيڙي ۾ سنگ ٿيندو آهي، جنهن جون جدا جدا سنهيون ڦاڪون ٿينديون آهن، جن ۾ ننڍيون ننڍيون مکڙيون جهڳٽن وانگر نظر اينديون آهن[1]. گهامُون جڏهين ڪچو هوندو آهي تڏهين رون، ٻڪريون، اُٺ، ڍڳيون، گڏهه ۽ مينهون کائيندا آهن. پچڻ بعد جانور ڪونه کائين. ماڻهو گهاما وڍي سڪائي ڇَنن، چؤنرن ۽ لانڍين تي سڻن جي مٿان، مُرٽن سان گڏي ڇاڄو ڏين. وسڪاري جو ڪَرِيءَ ۾ گهامن جا تهه ڏيئي سنگ وجهيو رکن.[1].


ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو