مواد ڏانھن هلو

گڻيش چترٿي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گڻيش چتُرٿيِ
حيدراباد جو خيرتاباد گڻيش
سرڪاري نالوگڻيش چترٿي، ونايڪ چترٿي
عرفيتگڻيشوتسو، گوري گڻيش
ملهائڻ واراھندو ماڻھون
قسمڌارمڪ
تقريبونويدڪ منترن جو اچارڻ، پرارٿنائون، گڻيش ڀڳوان جي مورتيءَ جي سٿاپنا، پوڄا ۽ مورتي وسرجن
شروعاتھندو تپڻِي(جنتري) جي مطابق
ختمشروعات کان 1.5، 3، 5، 7،9 يا 11 ڏينھن پوءِ
تاريخھندو تٿ مطابق
تقررسالاڻو

گَڻيش چَتُرٿي ( ISO : Gaṇeśa Caturthī ) (مطلب: چوٿين تٿ وارو گڻيس جو ڏڻ )، جنھن کي ونايڪ چترٿي ( Vināyaka Caturthī ) يا ونايڪ چوِٿيِ ( Vināyaka Cavithī ) يا وِنايگَر چترٿي ( Vināyagar Caturthī ) جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو، ھڪڙو ھندو ڏڻ آھي جيڪو ھندو ديوتا گڻيش کي سمرپت آھي . [1] اھو ڏڻ بڊي مھيني جي سھائي چوٿ تي شروع ٿئي ٿو. سڀ کان پھرين ڀڳوان گڻيش جي مورتي سٿاپت ڪئي ويندي آھي. اھي مورتيون ماڻھن جي گھرن ۾ بہ رکجن ٿيون ۽ ساروجنڪ پنڊالن ۾ بہ. اھو ڏڻ ڏھ ڏينھن ھلي ٿو. ھنن ڏھن ڏينھن ۾ ماڻھون ورت رکن ٿا، پوڄائون ۽ آرتٿون ڪيون وڃن ٿيون، الڳ الڳ ويد منترن جو اچار ڪيو وڃي ٿو. پوڄا جي پرساد ۾ مٺايون چاڙھيون وينديون آھن جن مان وڌ ۾ وڌ مشھور آھن مودڪ جيڪي گڻيش ڀڳوان کي وڻندا آھن. اھو ڏڻ ڏھن ڏينھن کان پوءِ اَنَند چوڏس جي ڏينھن پورو ٿئي ٿو. ھن ڏينھن ماڻھون ڌوم ڌام سان، نچندي ڳائيندي مورتيءَ جو جلوس ڪڍندا آھن ۽ مورتيءَ کي ڪنھن ندي، تلاءُ يا سمنڊ ۾ وسرجت ڪيو ويندو آھي. اڪيلي ممبئيءَ ۾ اي ھر سال اٽڪل 150000 مورتيون وسرجت ڪيون وينديون آھن. اھو مھاراشٽر جو راجڪييہ ڏڻ آھي.

هن ڏڻ ۾ گنيش کي نين شروعاتن ۽ ڏکيايون ھٽائيندڙ ديوتا جي روپ ۾ پوڄيو وڃي ٿو. گڻيش ڀڳوان کي ٻڌي ۽ وديا جو ديوتا بہ مڃيو ويندو آھي. اهو سڄي هندستاني ننڍي کنڊ ۾ هندو ملهائيندا آهن، خاص طور تي مهاراشٽر، مڌيہ پرديش، گجرات، اُتر پرديش، ڪرناٽڪ، اوڊيشا، تيلنگانا، آنڌر پرديش، تمل ناڊو، ڪيرلا ۽ گوئا جهڙن رياستن ۾، ۽ سري لنڪا۾ . گڻيش چترٿي ڀارت جي ٻاھر ٻين هنڌن تي هندو ماڻھن پاران پڻ ملهائي ويندي آهي جيئن تہ آسٽريليا، نيوزيلينڊ، ڪينيڊا، سنگاپور، ملائيشيا، سريلنڪا، ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو، گيانا، سورينام، ڪيريبين جي ٻين حصن، فجي، ماريشس، ڏکڻ آفريڪا، آمريڪا ۽ يورپ ۾. گريگورين ڪئلينڊر ۾، گڻيش چترٿي هر سال 22 آگسٽ ۽ 20 سيپٽمبر جي وچ ۾ پوي ٿي.

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named gcbritannica