گرو نانڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(گُرو نانِڪ کان چوريل)
گرو نانڪ
گرو نانڪ، ڀائي ٻالو ،ڀائي مردانو ۽ سِک گُرو
اڻوهين صدي جي هڪ تصوير جنهن ۾ گُرو نانڪ ۽ ٻيا 9 گُرو موجود آهن.
پيدائش

نانڪ
15 اپریل 1469ع
راءِ ڀوءِ جي تلونڊي (موجوده نانڪاڻو صاحب، پنجاب، پاڪستان)

وفات

22 ستمبر 1539ع
کرتار پور، مغليه سلطنت (موجوده پاڪستان)

مدفن

گردواره دربار صاحب کرتار پور، کرتار پور، پاڪستان

متحرڪ سالَ

1499ع–1539ع

شھرت جو ڪارڻ

سکھ مت جو بانی

جانشين

گرو انگد ديو

والدين

مهتا ڪالو اور ماتا ترپتا

پيدائش ۽ شُروعاتي زندگي[سنواريو]

بابا نانڪ پاٺشالا ويندي
گُردوارو جَنم آسٿان (نانڪاڻا صاحب)

گُرو نانڪ 15 اپريل 1469ع تي لاهور جي ويجهو راء ڀوئي جي تلونڊي (هاڻوڪينانڪاڻا صاحب، پنجاب، پاڪستان) ۾  پيدا ٿيو. انهن جي والدين جو نالو مهتا ڪالو(پُورو نالو ڪلياڻ چند داس ٻيدي) ۽ ماتا تِرپتِا ديوي هو، جيڪي مذهب جا هندو هئا ۽ تاجر ذات سان تعلق رکندا هئا . انهن جا پيءٌ زميندار هئا. 

انهن جي هڪ ڀيڻ هئي جنهن جو نالو به  نانڪي هو. هوءَ انهن کان پنج سال وڏي هئي. 1475ع ۾ هُن جي شادي ٿي ۽ هوءَ سلطان پور هلي وئي. گرو نانڪ (Guru Nanak) کي پنهنجي ڀيڻ سان ڏاڍو چاھ هو جنهن ڪري هو به پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀيڻيِوي (ڀيڻ جي مڙس) سان گڏ رهڻ لاءِ سلطان پور وڃي پهتا. تقريبن 16 سالن جي عمر ۾ گُرو نانڪ دولت خان لودهي وٽ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جتي بيبي نانڪي جو مڙس به ڪم ڪندو هو . پُراڻ(ڪتاب) جنم ساکي جي مطابق، هي نانڪ جي ڪم جي شروعات هئي ۽ انهن جي ڀَڄنن ۾ سرڪاري طور طريقن جا حوالا ملن ٿا، اندازو اهو لڳايو ٿو وڃي ته هنن علم انهيءَ عرصي دوران حاصل ڪيو . سک رسم جي مطابق ، گرو نانڪ جي پيدائش جي وقت ۽ زندگي جي شروعاتي سالن ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا پيش آيا جنهن مان ظاهر ٿيندو هو ته نانڪ کي خدا پنهنجي رحم و ڪرم سان نوازيو ويو آهي. ان وقت جي تاريخدانن مطابق، هو ننڍي عمر کان هي ڳن حقيقت خان پوري طرح واقف هئا. پنجن سالن جي عمر ۾ نانڪ کي پاڪ(مقدس) پيغامن تي مشتمل آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. ستن سالن جي عمر ۾ هن کي هن جي پيءُ انهيءَ وقت جي رواج مطابق ڳوٺ جي پاٺشالا/مدرسي  ۾ ويهاريو. ريت مطابق ننڍڙي نانِڪَ حرف تحجي جي پهرين حرف ۾، جو حصاب ڪتاب ۾ 1 عدد سان مشاهبت رکي ٿو ، جنهن ما خدا جي وحدانيت يا هيڪڙائي ظاهر ٿيندي آهي ، رمز (مطلب/ارٿ) بيان ڪري پهنجي استاد کي حيران ڪري ڇڏيائين. انهن جي ننڍپڻ جو ٻيون ڳالهيون به گرو نانڪ مطعلق حيرت انگيز ۽ معجزاتي قصا بيان ڪن ٿيون، مثال راءِ بولر کان ٻڌل هڪ قصي مطابق ننڍڙو نانڪ جڏهن سمهيو پيو هو ته ان کي تيز اُسَ کان بچائڻ لاءِ  هڪ زهريلو نانگ ان تي ڇانوَ ڪري بيٺو رهيو.

24 سيپٽمبر 1487ع تي نانڪ مول چند ۽ چندو راني جي ڌيءَ ماتا سُلَڇڻي ديوي سان بٽالا ۾ شادي ڪئي ، جنهن مان هنن کي ٻه بار ٿيا ، سري چند (8 سيپٽمبر 1494ع - 13 جنوري 1629ع)، ۽ لکمي چند 

حوالا[سنواريو]