گيزا جا اھرام
ڏيک

گيزا جو قبرستان (Giza Necropolis)، جنهن کي گيزا اهرام ڪمپليڪس پڻ چيو ويندو آهي، مصر جي شھر قاهره جي ويجهو گيزا جي پليٽ فارم تي واقع هڪ قديم قبرستان آهي. هي نيل نديءَ جي ڪناري تي واقع قديم شهر گيزا کان لڳ ڀڳ 8 ڪلوميٽر ريگستان جي اندر ۽ قاهره جي شهر کان 25 ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ واقع آهي. گيزا جو عظيم اهرام دنيا جي قديم ستن عجائبات مان باقي بچيل واحد يادگار آهي. خيال ڪيو وڃي ٿو ته ان جي اڏاوت ۾ 20,000 مزدورن حصو ورتو ۽ ان کي مڪمل ٿيڻ ۾ 20 سال لڳا.
ڪمپليڪس جا اهم حصا
[سنواريو]- خوفو جو اهرام
- خفري جو اهرام
- منڪور جو اهرام
- عظيم اسپينڪس
- خوفو جي ٻيڙي (Khufu ship)
عظيم اهرام جي اڏاوت
[سنواريو]اهرامن جي اڏاوت ڪيئن ٿي، ان بابت ڪيتريون ئي ٿيوريون پيش ڪيون ويون آهن، جن ۾ شامل آهن:
- ٻاهرين ريمپس (Ramps) جو استعمال.
- ڪرين (Cranes) جو استعمال.
- اندروني ريمپ جو استعمال: هي خيال فرانسيسي ماهر تعميرات (Architect) جين پيئر هئوڊن پيش ڪيو هو. هن عظيم اهرام جا تفصيلي ڪمپيوٽر ماڊل پڻ ٺاهيا آهن. هئوڊن جو چوڻ آهي ته ريمپ مٿي ڏانهن وڃڻ لاءِ سرپل (Spiral) شڪل جو هو. ان جا ثبوت اهرام جي ڪنڊن مان مليا آهن. اڏاوت ۾ نه صرف اندروني سرپل ريمپ استعمال ڪيو ويو هو، پر شايد ٻاهريون ريمپ پڻ وڏن پٿرن کي چورائڻ لاءِ استعمال ٿيو هوندو. اهي پٿر اهرام جي هيٺين اڌ حصي ۾ آهن ۽ شايد کين مٿي کڻڻ لاءِ ساديون ڪرينون استعمال ڪيون ويون هيون.
وڌيڪ پڙهڻ لاءِ
[سنواريو]- Lehner, Mark 1997. The Complete Pyramids. Thames & Hudson, 1997. ISBN 0-500-05084-8.
- Manley, Bill (ed) The Seventy Great Mysteries of Ancient Egypt. Thames & Hudson. ISBN 0-500-05123-2.
ٻيون ويب سائيٽون
[سنواريو]- WikiMapia تي گيزا پليٽ فارم جو نظارو
- اهرامن جو 3D ماڊل آرڪائيو ڪيا ويا 2019-09-06 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. Google Earth لاءِ.