مواد ڏانھن هلو

گيدوڙي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گيدوڙِي(انگريزي: Geduri ) ھڪ وڻ جو نالو آهي. اهو وڻ جهنگن ۾ ڪونه اڀري. ننگر پارڪر شهر ۽ ان جي آسپاس گهڻو ٿيندو آهي. اُن ۾ ڦل ٿيندو آهي جو لعابدار ٿيندو آهي، جنهن کي گيدوڙا چون، جي سوادي ۽ وڻندڙ ٿيندا آهن، جنهنڪري ٻار شوق سان کائيندا آهن. اُن جي ڪاٺي مضبوط آهي جا ڇَنن جي لاءِ ٿوڻين، آڏورين ۽ ڪاين جي ڪم اچي سگهي ٿي، پر وڻن جي عام نه هئڻ ڪري اڻلڀ آهي[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو