مواد ڏانھن هلو

گولاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گولاڙو:(انگريزي: Golarro)ٿر جي ھڪ ميوي جو نالو آهي. وسڪاري جو برسات پيئي ته گولاڙي جي ول ترت وڌندي آهي ۽ ڪونڀٽن، ڪرڙن، ڪنڊن، ڦڳن ۽ ڄارين تي ڇانئجي ويندي آهي. هن جا پن تن ڪُنڊن سان چهچ ساوا ٿيندا آهن. پهريائين فوني جي توتاري جهڙا گل ٿيندا آهن، جن ۾ سائي رنگ جو کارڪ جيڏو ميوو ٿيندو آهي، جنهن کي ”گول“ چوندا آهن.[1]. ٻيا ميوا چوٽيءَ کان پچڻ شروع ڪن، ته گول وري هيٺئين پاسي کان پچڻ شروع ڪري، پکين جا، خاص ڪري بُلبلين ۽ هڙين جا ان تي ميڙ هوندا آهن. گولون ٿورو پچنديون وينديون ته پکي کائيندا ويندا، تان جو نيٺ وڃي نشاني طور چُوٽو بچي. ننڍا ٻار ٽوليون ٺاهي جهنگ مان وڃي گولون چونڊي ايندا آهن. هي ول اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. جت ماڻهو روزانو گولاڙي آهن. هي ول اُٺ ۽ٻڪريون جام کائينديون آهن. جَت ماڻهو روزانو گولاڙي آهن. هي ول اُٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آهن. جَت ماڻهو روزانو گولاڙي جي ول پٽي ڀريون ٻڌي کڻي ايندا آهن ۽ اٺ جي چاري لاءِ اُٺن کي ڏيندا آهن[1].

حوالا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو