مواد ڏانھن هلو

گواڊيلوپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گواڊيلوپ
Guadeloupe

Gwadloup (گواڊيلوپ فرينچ)
Karukera (گواڊيلوپ ڪريئول)
فرانس جو سمنڊ پار ڊيپارٽمينٽ ۽ يورپي يونين جو سڀ کان وڌيڪ ٻاهرين علائقو
گواڊيلوپ جو علائقو
Réjyon Gwadloup (گواڊيلوپ فرينچ)
Official seal of گواڊيلوپGuadeloupe
عرفي نالو
   ڪاروڪيرا (Karukera)، تتري ٻيٽ، سورمن جي زمين
ليسر انٽيليس ۾ جاء
مکيه گواڊيلوپ جو نقشو
مکيه گواڊيلوپ جو نقشو
Coordinates: 16°10′N 61°30′W / 16.167°N 61.500°W / 16.167; -61.500
ملڪ فرانس
علائقائي گاديءَ جو هنڌباسٽيئر
سڀ کان وڏو شهري علائقوپوائنٽ-آ-پيٽر
فرانسيسي ڪالوني1648ع
برطانوي قبضو1759ع
فرانس حوالي واپسي10 فيبروري 1763ع
ٻيهر برطانوي قبضو1782ع
ٻيهر فرانس کي واپسي30 مئي 1814عa
ڪميون (انتظامي علائقا)32
حڪومت
• ڊپارٽمينٽل ڪائونسل جو صدرگائي لوسبار[1]
• علائقائي ڪائونسل جو صدرآري شالوس
ايراضي
• ڪل1,628 km2 (629 sq mi)
ايراضي درجو16هون علائقو
آبادي
 (جنوري، 2024ع)[2]
• ڪل3,78,561
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
رهاڪو نالوگواڊيلوپين
جي ڊي پي (GDP)
 • ڪل11.878 ارب يورو (2024)
 • في ماڻهو28,760 يورو (2024)
وقتي علائقوUTC−4:00
ڊائلنگ ڪوڍ+590
آء ايس او 3166 ڪوڊ
Internet TLD
ويب سائيٽwww.lesilesdeguadeloupe.com
www.guadeloupe.pref.gouv.fr
www.nic.gp
a Not effective until 1816.

گواڊيلوپ (Guadeloupe) ڪيريبين سمنڊ ۾ فرانس جو هڪ سمنڊ پار ڊپارٽمينٽ ۽ علائقو آهي.[4] اهو ڇهن آباد ٻيٽن تي مشتمل آهي: باسٽيئر(Basse-Terre)، گرانڊ-ٽيئر، ميري-گالانٽ (Marie-Galante)، لا ڊيزيراڊ (La Désirade) ۽ ٻه ”آئلس ڊيس سينٽس" (Îles des Saintes)؛ ان کان سواء 30 غير آباد ننڍا ٻيٽ ۽ 3 آباد ننڍا ٻيٽ پڻ شامل آهن. [5] اهو اينٽيگوا ۽ باربوڊا توڙي مونٽسيرات جي ڏکڻ ۾ ۽ ڊومينيڪا جي اتر ۾ واقع آهي. ان جو گاديءَ جو هنڌ باسٽيئر آهي (جيڪو باسٽيئر ٻيٽ جي ڏکڻ-اولهه ساحل تي آهي). سڀ کان وڌيڪ آبادي وارو شهر "ليس ابيمس" (Les Abymes) آهي ۽ ڪاروبار جو مرڪز ڀرپاسي وارو شهر "پوائنٽ-آ-پيٽر" آهي؛ اهي ٻئي گرانڊ-ٽيئر ٻيٽ تي واقع آهن.[4] سال 2024ع ۾ ان جي آبادي 3,95,726 هئي.

ٻين سمند پار ڊپارٽمنٽ وانگر، اهو فرانس جو هڪ لازمي حصو آهي. يورپي يونين (EU) ۽ يورو زون جي هڪ حصي طور، "يورو" ان جي سرڪاري ڪرنسي آهي ۽ يورپي يونين جو ڪو به شهري اتي رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ آزاد آهي، پر اهو شينجن ايريا (Schengen Area) جو حصو ناهي. سال 2007ع تائين ان ۾ سينٽ بارٿليمي (Saint Barthélemy) ۽ سينٽ مارٽن (Saint Martin) پڻ شامل هئا، پر سال 2003ع جي ريفرنڊم کانپوءِ انهن کي گواڊيلوپ کان الڳ ڪيو ويو.

ڪرسٽوفر ڪولمبس سال 1493ع ۾ گواڊيلوپ جو دورو ڪيو ۽ هن ٻيٽ کي اهو نالو ڏنو، جيڪو اسپين جي شهر "گواڊالوپ، ڪيسيريس" جي نالي تان ورتل هو. اتان جي مقامي ٻولي "گواڊيلوپين ڪريئول" (Guadeloupean Creole) آهي، جنهن کي "ڪريئول گواڊلوپ" (Kréyòl Gwadloup) چيو ويندو آهي. سرڪاري ٻولي فرانسيسي آهي، جيڪا آباديءَ جو 84 سيڪڙو ماڻهو ڳالهائين ٿا.[4][5][6]

تاريخ

[سنواريو]

گواڊيلوپ (Guadeloupe) هڪ ڪيريبين ٻيٽ آهي.ان جي پکيڙ 1628 چورس ڪلوميٽر (629 چورس ميل) ۽ آبادي 400,000 آهي. هي فرانس جي انتظام هيٺ هڪ علائقو ۽ ڊپارٽمينٽ پڻ آهي. ان جي سرڪاري ٻولي فرانسيسي آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. ↑ "Répertoire national des élus: les conseillers départementaux". data.gouv.fr, Plateforme ouverte des données publiques françaises (فرانسيسي ۾). 4 May 2022. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 13 December 2023 تي محفوظ ڪيل. 14 July 2022 تي حاصل ڪيل.
  2. ↑ "Estimation de population par région, sexe et grande classe d'âge – Années 1975 à 2024" (فرانسيسي ۾). 17 January 2024 تي حاصل ڪيل.
  3. ↑ "EU regions by GDP, Eurostat".
  4. 1 2 3 "Encyclopedia Britannica – Guadeloupe". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 3 April 2019 تي محفوظ ڪيل. 27 July 2019 تي حاصل ڪيل.
  5. 1 2 "CIA World Factbook (2006) – Guadeloupe". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 25 February 2021 تي محفوظ ڪيل. 27 July 2019 تي حاصل ڪيل.
  6. ↑ "La langue française dans le monde, Édition 2014" (فرانسيسي ۾). ص. 9. Carte interactive.

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Regions of France سانچو:Departments of France سانچو:Overseas France سانچو:Guadeloupe topics سانچو:Guadeloupean elections