مواد ڏانھن هلو

گوانگزي زوانگ خودمختيار علائقو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گوانگزي زوانگ خودمختيار علائقو

广西壮族自治区
خودمختيار علائقو
Guangxi Zhuang Autonomous Region
مٿان کان، گھڙي وار: لي ندي،چينگيانگ پل، ڊيٽئان آبشار، ريڊ فليوٽ غار،گئيلين سج ۽ چنڊ جو مندر
Map showing the location of Guangxi Zhuang Autonomous Region
نقشي ۾ گوانگزي زوانگ خودمختيار علائقو نمايان ڪيل
Coordinates: 23°36′N 108°18′E / 23.6°N 108.3°E / 23.6; 108.3
ملڪ چين
نالي جو لغوي معني广 : (گوانگ، معني "وسعت")
西: (زي، معني، "اولهائين")
"اولھندي وسعت"
گادي وارو شهر
(۽ سڀ کان وڏو شھر)
ناننگ شهر
انتظامي ورهاست14 پريفيڪچر، 109 ڪائونٽيون، 1396 ٽائون شپ
حڪومت
• طرزخودمختيار علائقي جي حڪومت
• باڊيگوانگزي زوانگ خودمختيار علائقائي پيپلز ڪانگريس
• عهديدارپارٽي سيڪريٽري: چن گينگ
ڪانگريس چيئرمين: چن گينگ
حڪومتي چيئرمين: وي تاؤ
عوامي مشاورتي ڪانفرنس جو چيئرمين: سون داويئي
• آبادي5,01,26,804
(سال 2020ع آدمشماري)
ايراضي
• ڪل237,600 چورس ڪلوميٽر (91,700 چورس ميل)
ايراضي درجونائون نمبر وڏو صوبو
آبادي
 (2016)
• ڪل48380000
• اندازو
(2019)
49,600,000
• درجويارھون نمبر وڏو
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
• ڪثافتي درجوٻارھون نمبر
Demographics
ISO 3166 ڪوڊCN-GX
مجموعي گھربل پيداوار (GDP) (2017)CNY 2.04 trillion[1] USD302.09 billion (17th)(List of Chinese administrative divisions by GDP)
• في ڪسCNY 41,955 (List of Chinese administrative divisions by GDP per capita)
انساني ترقي جو اشاريو (HDI) (2018)Increase 0.726[2]
high · 24th
ويب سائيٽGuangxi Zhuang Autonomous Region
(Simplified Chinese)
گوانگزي زوانگ خودمختيار علائقو
"گوانگزي" آسان چيني ۾ (مٿيون) ۽ روايتي چيني ۾ ( ھيٺيون)
چیني نالو
آسان چیني 广西
روایتي چیني 廣西
ھانیو پنین About this sound Guǎngxī
لغوي معنیٰ "گوانگنان زي سرڪٽ جو اختصار"
گئانگشي ژوئانگ آٽونامس ريجن
آسان چیني 广西自治区
روایتي چیني 廣西自治區 or 廣西僮族自治區[3]
ویٽنامي نالو
ویٽنامي Quảng Tây
long: Khu tự trị dân tộc Choang Quảng Tây
زوانگ نالو
زوانگ Gvangjsih
long: Gvangjsih Bouxcuengh Swcigih
انگريزي نام
انگريزي /ˈɡwɑːŋˈs/[4]

گوانگزي (Guangxi؛ [kwɑ̀ŋ.ɕí] (About this sound ٻڌو)، پھرين ڪوانگزي (Kwanghsi)، سرڪاري نالو (广西壮族自治区؛ گوانگزي زوانگ خودمختيار علائقو)، عوامي جمهوريه چين جو ھڪ خودمختيار علائقو آهي، جيڪا چين جي ڏکڻ واري حصي ۾ واقع آهي. ھن علائقي جون سامونڊي حدون ويٽنام، ٽونڪن واري نار جي پار ملن ٿيون. علائقي جي اولھه ۾ ينان، اتر ۾ گوزھو، اتر-اولھه ۾ ھونان، اوڀر ۽ ڏکڻ-اوڀر ۾ گوئينگڊانگ جا صوبا آهن ۽ ڏکڻ-اولھه ۾ ويٽنام ۽ ڏکڻ ۾ ٽونڪن واري نار آهن. اھا علائقو پھرين چين جو ھڪ صوبو هو پر پوء 1958ع ۾ ان کي خودمختيار علائقي جو درجو ڏنو ويو. ان جو گادي وارو شهر ناننگ شھر آھي.[5]

ان جي موجوده نالي ۾ "گوانگ" جا معنيَ وسعت يا ڪشادگي آھي. اھا ان جي نالي ۾ 226ع ۾ شامل ڪيو ويو. هن کي صوبائي درجو يوآن گھراڻي جي راڄ ۾ مليو. آبادي ۾ جوآنگ نسل جي ماڻهن جو حصو 32 سيڪڙو آھي. ھتي منڊارين ٻولي کان سواءِ کوڙ ٻيون مقامي ٻوليون ڳالهايون وينديون آهن، جن۾ پنگ ھووا، جوآنگ، ڪينٽوني، ھاڪا ۽ مِن چيني ٻوليون شامل آهن.[6] صوبي جي پکيڙ 2,37,600 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ چين ۾ پکيڙ جي لحاظ کان ھي نائون نمبر وڏو صوبو آھي. صوبي جي آبادي 2016ع ۾ 4,83,80,000 ھئي، جيڪا 2020ع ۾ وڌي 5,01,26,804 ٿي وئي. چين ۾ آبادي ۾ ھي يارھون نمبر وڏو صوبو آھي. صوبي جو سڀ کان اچو مقام ڪٽن جبل آھي، جن جي اچائي 2,141 ميٽر آھي.

معيشت

[سنواريو]
گادي جي هنڌ ناننگ جو منظر جيڪو صوبي جو معاشي مرڪز آھي.

ھن صوبي جي زراعي پيداوار ۾ چانور، مڪئي، مٺا پٽاٽا، ڪمند، مڱيرا، تماڪ ۽ ڪيناف شامل آهن. دنيا ۾ باديان خطائي جو 85 سيڪڙو ھن صوبي ۾ پيدا ٿئي ٿو جنھن جو استعمال اينٽي وائرل دوا اَوسَيلٽامِوَر (Oseltamivir) ۾ بطور اھم جز ٿيندو آهي[7]. ھي صوبو نرم ڌاتن جي پيداوار جو پڻ مرڪز آھي جن ۾ ٽين ۽ ميگنيز شامل آهن. چين ۾ انھن ڌاتن جي ذخيرن جو ٽيون ھن صوبي ۾ ملي ٿو[8]. لئجو (Liuzhou) ھن صوبي جو وڏو صنعتي مرڪز آھي خاص طور تي موٽر گاڏين جي مينيوفيڪچرنگ جو مرڪز آھي جيڪو جنرل موٽرز ۽ SAIC-GM- وولنگ آٽوموبائيل ڪمپني جي جوائنٽ وينچر جو مينيوفيڪچرنگ جو اڏو آھي. اتي اسٽيل مل ۽ ان سان لاڳاپيل کوڙ صنعتون پڻ واقع آهن. ھن صوبي جي ناليوار جي ڊي پي 2017ع ۾ 2.04 ٽرلين يوئان ھئي.

حوالا

[سنواريو]
  1. 广西壮族自治区2017年国民经济和社会发展统计公报 [Statistical Communiqué of Guangxi on the 2017 National Economic and Social Development] (چيني ۾). Statistical Bureau of Guangxi. 2018-04-26. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2018-06-22 تي محفوظ ڪيل. 2018-06-22 تي حاصل ڪيل.
  2. "Sub-national HDI - Subnational HDI - Global Data Lab". globaldatalab.org. 2020-04-17 تي حاصل ڪيل.
  3. "Archived copy". محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2016-12-21 تي محفوظ ڪيل. 2016-12-07 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو)
  4. "Guangxi" آرڪائيو ڪيا ويا 2018-04-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Collins English Dictionary.
  5. The Yearbook of China's Cities (انگريزي ۾). Yearbook of China's Cities Publishing House. 2006. ص. 327.
  6. "Zhuang Minority & Yao Minority in Guangxi Zhuang Autonomous Region". www.chinadiscovery.com. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان 2017-09-13 تي محفوظ ڪيل. 2019-06-11 تي حاصل ڪيل.
  7. http://epaper.gxnews.com.cn/ngjb/html/2009–05/07/node_303.htm[مئل ڳنڍڻو]
  8. "Archived copy". اصل نسخو مان 2011-10-08 تي محفوظ ڪيل. 2011-11-01 تي حاصل ڪيل.{{cite web}}: CS1 maint: archived copy as title (ڳنڍڻو)

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:EB1911 poster

سانچو:Guangxi topics سانچو:Guangxi سانچو:Zhuang autonomy in the People's Republic of China سانچو:Province-level divisions of the People's Republic of China

23°36′N 108°18′E / 23.6°N 108.3°E / 23.6; 108.3